سنڌ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ڊينگي جي ڪيسن ۾ 135 سيڪڙو اضافو

ڪراچي (رپورٽر) هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڊينگي بخار جي ڪيسن ۾ 135 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي رپورٽ موجب هلندڙ سال هن وقت تائين سنڌ ۾ ڊينگي بخار جا 1167 ڪيس سامهون آيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊينگي بخار جا  ڪراچي مان 1022 ڪيس ، حيدرآباد مان 83،  ميرپورخاص مان 34 ،  سکر ۾ 12،  لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد مان 8، 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ ڊينگي جا سڀ کان وڌيڪ 329 ڪيس اوڀر ضلعي مان رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته سينٽرل ضلعي مان 241، ڏکڻ ضلعي ۾ 197، ڪورنگي ضلعي ۾ 86، ڪياماڙي ضلعي مان 66، اولهه ضلعي مان 60 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ ملير ضلعي مان 43 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي چڪو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.