ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪارساز واقعي جي هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، حادثي واري وقت هڪ شخص جوابدار عورت مٿان ڪاوڙ جو اظهارڪري رهيو آهي، جنهن جي جواب ۾ جوابدارعورت نتاشا پاران هجوم ۾ شامل ساڳئي ئي شخص کي ڌمڪائي رهي آهي ته ”تون منهنجي پيءُ کي سڃاڻين نه ٿو“، ٻئي طرف ساڳئي ئي وقت جوابدا عورت جي اڳيان ۽ پٺيان رينجرز اهلڪارسندس ماڻهن جي هجوم کان تحفظ ڏيڻ لاءِ بيٺل آهن. وائرل ٿيل وڊيو ۾ جوابدارعورت پاران ”تون منهنجي پيءُ کي سڃاڻين نه ٿو“ وارا جملا 2 کان 3 ورجايو. جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته جوابدارعورت کي حادثي دوران شهرين کي چيڀاٽڻ تي نه شرمندگي محسوس ٿي رهي آهي ۽ نه ئي وري هوءَ حادثي تي افسوس ڪري رهي آهي. ٻئي طرف وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا واهپيدارن م وڌيڪ ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي وئي آهي، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اسان جي ملڪ جو قانون اميرن کي تحفظ فراهم ڪندو آهي ۽ غريبن کي ظلم بردداشت ڪرڻو پوندو آهي.