لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ پاور شيئرنگ، ن ليگ پاليسين تي جلد پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪري ورتو. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي قائم ڪيل گڏيل ڪميٽي جو اجلاس 2 وڳي گورنر هائوس ۾ شروع ٿيو. ڳالهين واري ڪميٽي ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، ملڪ احمد خان جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان راجا پرويز اشرف، نديم افضل چن، حسن مرتضيٰ ۽ علي حيدر گيلاني شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي مطالبن جي لسٽ ڏئي ڇڏي، جن تي ن ليگ هفتي جي مهلت گهري ورتي. ذريعن موجب اجلاس ۾ معاهدي جي باقي نڪتن تي مرحليوار عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ڪجهه نقطن تي فوري طور تي عملدرآمد جو وقت ڏنو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قانون سازي، بجيٽ ۽ پاليسين تي وقت کان اڳ پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پارٽين ملڪي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب جي انهن ضلعن ۾ پنهنجي پسند جا آفيسر مقرر ڪيا ويندا جن ۾ پيپلز پارٽي ڪاميابي ماڻي آهي. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي مسلم ليگ ن جي ميمبرن جي برابر ترقياتي فنڊ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ اجلاس جي رپورٽ اڳواڻن کي پيش ڪندا.ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو ته ملاقات ۾ ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ اقتدار جي حصيداري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.ن ليگ اميدوارن سان سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي آهي، حسن مرتضيٰ چيو ته هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پاور شيئرنگ جا معاملا ڏسندي، هڪ هفتي اندر ان معاملن کي حتمي شڪل ڏئي ڪميٽي آڏو آڻيندي،هن چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته پ پ حڪومت کان حصو گهري رهي آهي، اهو تاثر غلط آهي ته پ پ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏئي رهي آهي.