اسلام آباد(عمران شفقت) عدليه بابت قانون سازي حڪومتي اتحاد جي پهرين ترجيح بڻجي وئي، افواهن باوجود ان سلسلي ۾ رازداري رکي پئي وڃي،فيض حميد جي گرفتاري باوجود پراجيڪٽ عمران خان مڪمل طور ختم ناهي ٿيو، عدليه ۾ ”انقلابي“ ججن کي اڃا به اهو بخار چڙهيل آهي، عدليه ۾ به صفائي جي ضرورت آهي،اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي ”نجات ڏياريندڙ“ مسيحا سمجهي سندس مدد لاءِ عدليه ۾ ڳولي ڳولي”هيرا“ رکيا، اسٽيبلشمينٽ جيڪو پوکيو اهو ئي لڻي رهي آهي،اداري اندر ته عمران حامين جي صفائي جو عمل جاري آهي پر عدليه ۾ موجود ”عمران دار“ ججن مان ڪيئن جند ڇڏائجي؟ ان سلسلي ۾ حڪومتي اتحاد آئيني پئڪيج جي تياري ڪري ويٺو آهي،ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ سرڪاري اتحاد کي اليڪشن ڪميشن جي حمايت گهربل آهي،اطلاع آهن ته قانون سازي ذريعي ججن جو احتسابي عمل پارليامينٽ جي حوالي ڪيو وڃي،ججن جي مقرري پارليامينٽ ذريعي ٿئي، چيف جسٽس جي مقرري لاءِ آئين جي آرٽيڪل 177 جي شق 3 ۾ ترميم ڪري چار پنج نالا شامل ڪيا ويندا، وزيراعظم انهن نالن مان ڪنهن جي چونڊ ڪري صدر کي سمري موڪليندو، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو غيرموثر ٿي ويو آهي،ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، جڏهن ته پ پ ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ پارلياماني بالادستي تي اتفاق ٿي ويو آهي،ذريعن موجب اسلام آباد ۾ رٿيل پي ٽي آءِ جلسي بابت عمران خان کي ڌمڪي ڏني وئي ته توهان جي سهولتڪاري لاءِ فيض حميد موجود ناهي، هاڻي حشر خراب ٿيندو.