سيالڪوٽ (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 22 آگسٽ تي ٿيندڙ جلسي کي رد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، ان ڪري هن پي ٽي آءِ باني عمران خان سان صبح ستين وڳي ملاقات ڪرائڻ جي سهولتڪاري ڪئي، سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جلسو رد ٿيڻ کانپوءِ عمران خان، بشريٰ بي بي، رئوف حسن ۽ عليمه بي بي جي گفتگو سڀني جي سامهون آهي، پي ٽي آءِ ۾ اختلاف واضح ٿي رهيا آهن، جلسو ڪامياب ٿيڻو هجي ته ڪڏهن به رد نه ڪن ها.هن چيو اهي چئي رهيا آهن ته 9 مئي جا ذميوار اسان ناهيون، مون کي ٻڌايو ته چهرا ڪرائي جا هئا؟ انهن جا وڊيو ۾ چهرا هئا، 9 مئي واقعن کي هزارين نه ڪروڙين ماڻهن ڏٺو، 9 مئي واقعن ۾ ملوث عنصرن جون شڪلون وڊيوز ۾ واضح ڏسي سگهجن ٿيون. سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين، پاڪستان جي وحدت جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو. خواجا آصف چيو ته علي امين گنڊاپور بوزدار 2 آهي پر علي امين ان کان به وڌيڪ آهي، بوزدار ڳالهائيندو نه هو، علي امين ڀڙڪيون هڻي پيو، علي امين پنهنجي ڪابينا جي ماڻهن بابت کين چور چئي رهيو آهي.
-
اسلام آباد جلسو:محسن نقوي ۽ برگيڊيئر گنڊاپور سان رابطا ڪيا
اسلام آباد(عمر چيما) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ملتوي ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهندڙ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو رات مهل فون تي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان رابطو ڪيو ويو، ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ برگيڊيئر علي امين گنڊاپور سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته مبارڪ ثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو مذهبي جماعتن جو ڌرڻو رٿيل آهي،گرٻڙ ٿي سگهي ٿي، ٻيو سبب اهو آهي ته پنڊي ۾ بنگلاديش سان ٽيسٽ ميچ رٿيل آهي،ڪجهه ٿيو ته ذميواري پي ٽي آءِ تي هوندي، اهو پيغام عمران خان کي ملي ويو، جڏهن ته صبح سوير پنج وڳي بئريسٽر گوهر ۽ اعظم سواتي اڊيالا جيل پهچي ويا جنهن ذريعي عمران خان جو پيغام پهچايو ويو،جڏهن ته جلسي لاءِ ايندڙ سيڪنڊ ليول جي پي ٽي آءِ قيادت کي اسٽيبلشمينٽ پاران چيو ويو ته توهان ماڻهو وٺي آيا ته ٽنگون ٽوڙي ڇڏينداسين،
-
عمران خان جو اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ٿيو آهي: عمران اسماعيل
ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا اجازت ملڻ باوجود جلسا ملتوي ڪيا ويا، پي ٽي آءِ قيادت وڏيون غلطيون ڪيون آهن، ان لاءِ عوام جو پارٽي قيادت تي اعتماد گهٽجي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو جيڪي چون ٿا اهو نٿا ڪن. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته بک هڙتال نه هلي سگهي، پي ٽي آءِ قيادت ڪمزوري ڏيکاري رهي آهي. هن چيو ته جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي عمران خان کي ڪرڻو آهي، جيل مان جيڪو به پيغام ايندو، ان تي عمل ڪيو ويندو.هڪ اڌ ڏينهن ۾ منظر واضح ٿي ويندي. پر قيادت هن وقت مونجهاري جو شڪار آهي. عمران اسماعيل چيو ته اسلام آباد ۾ جلسو ملتوي ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪو رابطو ٿيو آهي، هن وقت ن ليگ ۾ ڦڦڙي پيل آهي، اها سمجهي ٿي ته رابطو قائم ٿيڻ جو مقصد آهي ته جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ عمران خان سان معاملا طئي ٿي ويا ته هو ٻيهر سياسي منظر تي واپس اچي ويندو. هن چيو ته عمران خان کليل نموني چئي رهيو آهي ته هو اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو پر اسٽيبلشمنٽ طرفان اڃا تائين ڪو به جواب نه آيو آهي، اهي مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻا آهن. عمران اسماعيل چيو ته جيڪڏهن قومي حڪومت ٺهي ته ۽ اها سال ٻن سال هلي ٿي ۽ اها قومي ايجنڊا طئي ڪري شفاف چونڊون ڪرائي ٿي ته پوءِ بهتري جو امڪان آهي.
-
اسلام آباد کانپوءِ پي ٽي آءِ لاهور جو جلسو به ملتوي ڪري ڇڏيو
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد کانپوءِ پي ٽي آءِ لاهور جو جلسو به ملتوي ڪري ڇڏيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت بسرا اسلام آباد کانپوءِ 27 آگسٽ تي لاهور ۾ ٿيڻ وارو اجلاس ملتوي ڪرڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آهي، پر ٻين اڳواڻن سندس بيان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت بسرا چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڌيان اسلام آباد جلسي تي هوندو، اسلام آباد کانپوءِ لاهور جلسي جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي سينيئر نائب صدر اڪمل خان ۽ خرم لطيف کوسا پريس ڪانفرنس ڪندي لاهور ۾ 27 آگسٽ تي ٿيندڙ ريلي ملتوي ڪرڻ جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي.اڪمل خان باري چيو ته ڊي سي لاهور مسلسل لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، لاهور ڪورٽ ۾ ڊي سي لاهور اسانکي 27 آگسٽ تي جلسي جي اجازت ڏني، عدالت ڊي سي کي 9 تاريخ تي جلسي جي هنڌ جي باري ۾ ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو
اڪمل خان چيو ته انشاءَ الله جلسو لازمي ڪنداسين، پنجاب حڪومت چاهي ڪيترو به رنڊڪون وجهي، تحريڪ انصاف جو لاهور جو جلسو پنجاب حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو.