ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ لاهور جي مشهور تعليمي اداري نيشنل ڪاليج آف آرٽس (اين سي اي) جي ڪئمپ آفيس قائم ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ 13 يونيورسٽين جا ڪيمپس قائم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته نيشنل ڪاليج جو نالو گهڻو ٻڌو هو ۽ هاڻي ڪراچي ۾ ان جو ڪيمپس کلي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪراچي ۾ يونيورسٽيون نه ٿا ٺاهي سگهون پر ڪيمپس ٺاهي سگهون ٿا. هن چيو ته هي شهر تمام گهڻو ٽئڪس ادا ڪري ٿو، پر پلجي خيرات تي ٿو. هي شهر جيڪا ٽئڪس ادا ڪري ٿو، اها وڃي ڪيڏانهن ٿي. اسان ان جو پتو لڳائينداسين. هن چيو ته مان جڏهن سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ته هتي تحقيق ٿيندي هئي ۽ ماڻهو فنڊ ڏيندا هئا. هن چيو ته حيدرآباد پاڪستان جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي، اتي 75 سالن کان يونيورسٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. پ پ جي هڪ وزير چيو ته يونيورسٽي منهنجي لاش تي ٺهندي، هاڻ شايد ڪنهن جي سياسي لاش تي يونيورسٽي ٺاهي وئي آهي.