خيرپور ۾ بيٺل ڪار مان مشهور ٽڪ ٽاڪر سيما خاصخيلي ۽ نوجوان جا لاش هٿ

خيرپور/ڪوٽڏيجي (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+ ثناءُ الله بگٽي) خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪوثر اسپتال وٽ ٻن ڏينهن کان بيٺل ڪار مان ٻن ڄڻن عورت ۽ مرد جا لاش هٿ آيا آهن، لاشن جي سڃاڻپ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ رند جي نوجوان ظفر حاجاڻو ۽ خيرپور جي غريب آباد پاڙي واسڻ ٽڪ ٽاڪر سيما خاصخيلي طور ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم بعد فوتين جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو ھينئر ڪجهھ به نه ٿا چئي سگھون. ٽڪ ٽاڪر سيما خاصخيلي جي والدين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڌيءُ طلاق يافته هئي، سيما ۽ ظفر حاجاڻو پسند جو پرڻو ڪرڻ چاهين پيا، جنهن لاءِ ڌيءُ اجازت به ورتي هئي، 3 ڏينهن اڳ ٻئي خريداري لاءِ نڪتا هئا ۽ واپس نه موٽيا. نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته ظفر حاجاڻو 2 ڏينهن اڳ گهران نڪري ويو هو ۽ واپس نه موٽيو، نوجوان خيرپور شگرمل ۾ ملازمت طور ڪم ڪندو هو اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، وارثن خدشو ظاهر ڪيو ته سندن نوجوان کي منصوبابندي تحت قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن معاملي جو گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي واقعي جي ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊاڪٽر سميع الله سومري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪري ملوث ماڻھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.