صوفي شاه عنايت به انهن شھيدن جي حق واري صف ۾ شامل آھي.جنهن پنهنجي وقت جي نظام جي هٿان شھادت جهڙو عظيم رتبو ماڻيو. صوفي شاهه عنايت جي باغي سوچ ۽ ڪردار تي ڳالھه ٻولھه کان اڳ مناسب ٿيندو ته اسان صوفين جي نظام فڪر وعمل جي نسبت سان هڪ ٻئي نقطي کي شامل ڪريون.عام طور کان صوفين جي باري ۾ هي خيال عام ٻڌو يا ڏٺو ويندو آھي ته اهي دنيا کان الڳ هوندا هئا۽ دنياداري جي مامرن ۾ پاڻ کي پري رکندا هئا.انهن جو سمورو زور نفس جي پاڪيزگي ۽ انفرادي عبادت تي ھوندو هو.انهيءَ صورتحال ۾ هڪ سوال هي جنم وٺي ٿو ته دنيا کان ڪٽجي ڪري رھڻ پاڻ ڪيترو صحتمند رويو آھي.جيڪڏھن زندگي جي ڊڪ ڊوڙ ۽ زندگي جي ڇڪتاڻ کان ئي انسان پاڻ کي لاتعلق ڪري ڇڏي ته ان جي نتيجي ۾ معاشري ۾ ڪنهن بهتري جي اميد ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.بلڪ اهو به چئي سگهجي ٿو ته صوفين اهو طرز عمل مڙھيل نظام کي سگهھ ڏيڻ ۽ ان جي تسلسل جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ان خيال سان اتفاق ڪرڻ وارن ۾ مشھور تاريخدان ۽ وچين دور جي هندستان جي موضوع تي خاص طور تي ڪم ڪرڻ واري مورخ ڊاڪٽر رياض السلام به شامل آھي.پنهنجي ڪتاب “Sufism in South Asia “ ۾ ھن تفصيل سان هن دنيا جي بيزاري کان صوفين تي تنقيد ڪئي آھي.۽ ان سلسلسلي ۾ ڪافي مثال ڏئي ڪري پنهنجي موقف جي وضاحت ڪئي آھي.هن اهڙا مثال لکيا آھن جن کان اهو ڏسڻ مقصد آھي ته صوفين عام زندگي جي مامرن کي ڪهڙي ريت پاڻ تي حرام قرار ڏئي ڇڏيو.ايستائين ته ڪيترن لاتعلق دنيا جو رستو اختيار ڪيو ۽ ڪن ته پنهنجيون شاديون به ختم ڪري ڇڏيون ڇوته انهن جي خيال ۾ انهن جي شادي شده زندگي انهن جي عبادتن ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجهن ٿيون.
ڊاڪٽر رياض سوال ڪري ٿو ته صوفين جو اهو عمل پنهنجي جاءِ تي پر هن ڳالهھ جو جواب ڪير ڏيندو ته انهن جي زالن جو ان ۾ ڪهڙو ڏوھ ھو ته انهن جون زندگيون برباد ڪيون ويون.هتان کان ئي هو اهو بحث شروع ڪري ٿو ته اڪثر صوفين اڪيلائي ۽ توڪل جي وچ ۾ فرق قائم نه رکيو ۽ اهي صرف توڪل جي رستي تي هلندا رهيا.
ڊاڪٽر رياض پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪو بحث شروع ڪيو آھي اهو واقعي ان لائق آھي ته ان تي ويچار ڪيو وڃي ۽ هن سموري موضوع تي تحقيقي انداز ۾ ۽ تنقيدي نظر سان ڏسڻ گهرجي.ظاھر آھي ته سمورا صوفي محنت کي نظرانداز ڪري پاڻ کي مڪمل طور تي توڪل جي رستي تي وجهڻ وارا ماڻهو نه هئا. ڪيترن ئي صوفين محنت مزدوري ۽ رزق روزگار جي مامرن سان به پنهنجو تعلق برقرار رکيو.جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ وقت هنن صرف حاجتن ۽ ضرورتن تائين پاڻ کي محدود رکيو ۽ دولت جي پٺيان ڊوڙڻ کان پاسو ڪيو.
ان سموري مامري ۾ صوفي شاه عنايت اسان کي هڪ نهايت ئي الڳ صوفي ڏيک ڏيئي ٿو.هن کان اڳتي وڌي ڪري گڏيل عملي دنيا جو رستو به اختيار ڪيو.اختيارن جو مامرو ته انسان جي ذات تائين محدود رهي ٿو.پر صوفي شاه عنايت شھيد ته جهوڪ جي جڳھه تي پنهنجي پوئلڳن سان گڏ سمورن مقامي رهواسين سان سماجي بي انصافي واري استحصال جي خلاف آواز بلند ڪيو.هو هڪ اهڙو عظيم صوفي بزرگ هو جنهن حق جي ڳولا لاءِ حقن جي حاصلات جو رستو اختيار ڪيو آھي.
صوفي شاه عنايت خدا جي بندن سان پيار ڪرڻ وارو بزرگ هو.جنهن ماڻھن جي درد جو درمان تلاش ڪرڻ کي ئي حق جو وسيلو بڻايو.ان جي ڪاوشن جي طفيل جهوڪ ۾ هارين جي بغاوتن جنم ورتو جيڪي جيتوڻيڪ ناڪامي جون شڪار ٿيون.پر ان سنڌ جي سماجي تاريخ ۾ ھڪ نئين باب جو واڌارو ڪيو.اهوئي ئي نه بلڪ هي به چٽو ڪيائين ته تصوف صرف خانقاهن ۽ گادي نشينن جي حجرن تائين محدود ناهي.بلڪ اهو معاشرتي تبديلي جي عمل ۾ به هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو .شرط ته ان جي انسان دوستي جي پيغام کي نظر ۾ رکيو وڃي.
صوفي شاه عنايت جي انقلابي پيغام ۽ ان جي جدوجهد تي ڪجهه وڌيڪ نه لکيو ويو.تصوف جي متعلق ادب ۾ ان جو ذڪر ٻين صوفين سان گڏ ڪجهه جملن ۾ اچي وڃي ٿو.پر ان جي خدمتن جي انفرادي پاسن کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش نٿي ڪئي وڃي. اعجاز الحق قدوسي صاحب پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ صوفي شاه عنايت جي باري ۾ جيڪا ڳالهھ ٻولھه ڪئي آھي اها ڄاڻ بهتر هئڻ جي باوجود ان جي جدوجهد کي وڌ کان وڌ مقامي پيرن جي پاڻ ۾ جهڳڙي جي طور تي پيش ڪري ٿي.ان جو خيال آھي ته ٺٽي جا ڪي ٻيا پير صوفي شاه عنايت جي مقبوليت ۽ پنهنجن مريدن جي شاه عنايت واري قافلي ۾ شامل ٿيڻ کان وڏا پريشان هئا.جيتوڻيڪ هنن چند مقامي زميندارن کي پنهنجو دوست بڻائي ڪري صوفي شاه عنايت جي خلاف ڪارروائي ڪرائي. پر اهو صوفي شاه عنايت شھيد جي بغاوت ۽ ان جي سبب ۽ نتيجن جو محض ھڪ سرسري جائزو آھي.
صوفي صاحب جي بغاوت جو شايد سڀ کان بهترين تجزيو مشھور سماجي مورخ ۽ اديب سيد سبط حسن جو اهو به خيال آھي ته گڏيل زراعت جو اهڙو تصور صوفي شاه عنايت کان اڳ به قبيلن واري دور ۾ رھي چڪو هو.بلڪ پاڻ صوفي صاحب جي زماني ۾ به ڪن ڪوهستاني قومن خاص طور تي بلوچن ۾ اهو طريقو هوندو هو.اهو به ممڪن آھي ته صوفي صاحب سيد محمد جون پوري جي مهدي تحريڪ کان به متاثر رهيو هجي.جنهن هڪ زماني ۾ ٺٽي ۾ رھائش اختيار ڪئي هئي.سيد محمد جون پوري جا پيروڪار“دائري“جي نالي سان پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا ۽ زندگي جي ضرورتن کي پاڻ ۾ ورهائي استعمال ڪندا هئا.سيد محمد جونپوري جو زمانو پندرهين صدي(1443کان1505ع) جو زمانو هو.
صوفي شاهه عنايت شھيد جو گڏيل پوکي راهي وارو تجربو وڏو ڪامياب ثابت ٿيو.۽ تر جا هاري ناري به سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿيا.بس اهائي تحريڪ جي مقبوليت هئي جنهن زميندارن جا ترا ڪڍي ڇڏيا ۽ ھنن صوفي صاحب جي باري ۾ ٺٽي جي صوبيدار کي شڪايت ڪئي .پر ڇاڪاڻ ته صوفي صاحب جي زمين گذرسفر جي زمين هئي. ۽ صوييدار جو ان تي ڪو اختيار نه هو.ان ڪري صوبيدار ته ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو پر هن زميندارن کي هن ڳالھه جي اجازت ڏني ته اهي پاڻ جهڙي ريت چاهين صوفي صاحب کي روڪين.زميندارن وجهه وٺي جهوڪ جي وسندي تي حملو ڪري ڏنو پر انهن کي شڪست نصيب ٿي.صوفي صاحب جي فقيرن وڏي بهادري سان زميندارن جو مقابلو ڪيو.اهو اهڙو وقت هو جڏھن فرخ سير دهلي جي لال قلعي ۾ ترسيل هو.ان کي جڏھن سنڌ ۾ جاري ان ڇڪتاڻ جي پروڙ پئي ته ان ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان کي تبديل ڪري نواب اعظم خان کي مقرر ڪيو.اها 1746ع جي ڳالھه آھي. نئين صوبيدار جي آمد مقامي زميندارن جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي.
جيتوڻيڪ هنن اعظم خان کي پنهنجو ڪري ورتو.نواب اعظم خان جي طرف کان صوفي صاحب کي تنگ ڪرڻ جي شروعات ڪئي.ان کان ڍل جي نالي تي زبردستي رقم گهري وئي ۽ صوفي صاحب جي انڪار تي ان بادشاه کي صوفي صاحب جي شڪايت لکي ۽ فرخ سير صوفي صاحب جي خلاف آرڊر حاصل ڪري ورتو.اعظم خان مقامي زميندارن کان مدد گهري ۽ جهوڪ تي حملو ڪري ڏنائين. جهوڪ جا فقير پرامن انسان هئا.هنن گڏيل زراعت جو تجربو ضرور ڪيو هو پر انهن جي وسندي ڪنهن فوجي ڇانوڻي جي حيثيت نه رکندي هئي.صوفي صاحب جي فقيرن وسندي جو وڏي بهادري سان دفاع ڪيو ۽ جڏھن اعظم خان ڏٺو ته هينئر ان جي فقيرن کي شڪست ڏيڻ ممڪن ناهي ته هن ان وسندي جو گهيرو ڪيو.چئن مهينن جي گهيراءَ کانپوءِ صوفي صاحب کي ٺاھ جو پيغام موڪليو ويو.صوفي صاحب حاضر ٿيو پر هن کي گهرائي ڪري دوکي سان شھيد ڪيو ويو.جنهن منجهان اسان سڀ سبق حاصل ضرور ڪري سگهون ٿا ۽ انهن منجهان اهڙي روشني وٺي سگهون ٿا ته جيڪا اسان کي اڄ جي هن ڇڪتاڻ.بربريت ۽ وحشيت ڀري زندگي ۾ حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاري سگهي ٿي.