ڪراچي (رپورٽر ) سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ صحافين مطالبو ڪيو آهي ته رياست پاڪستان ملڪ مان عورتن ۽ ٻارڙين جي اغوا، وڪري ۽ ننڍي عمر جي شادين ۽ ٻين انساني حقن جي سرڪاري ۽ نجي سطح تي مخالف قدمن جي خاتمي لاءِ آئين ۽ قانون ۾ ۾ موجود عورت دوست قانونن کي عملن لاڳو ڪري ڇوڪرين جي تعليم ، نوڪرين ۽ ڪاروبار ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، ۽ سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري ادران ۽ ڪميشنن مان پدرشاهي رويي جي خاتمي لاءِ حڪومت عورتن جي ڀلائي ۽ حقن لاءِ مقرر ڪيل کاتن ۽ ڪميشنن جي اهم عهدن تي عورت آفيسر ۽ اسٽاف مقرر ڪري ، پوليس ۽ ججن کي پدرشاهي سوچ ۽ رويي کان بچائڻ لاءِ انهن جي انساني حقن جي تربيت جي پروگرامن کي وڌيڪ ڦهلايو وڃي ، ڇوڪرين ۽ عورتن جي اغوا جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ، ميڊيا ۾ عورتن ۽ انساني حقن وارن خبرن کي اهميت ڏيڻ ۽ اخبارن ۽ ٽي وي رپورٽنگ ۾ پدرشاهي جي پٺڀرائي وارن فقرن جي سرخين لڳائڻ جي روڪٿام لاءِ صحافين جي انساني حقن جي تربيتي پروگرام ڪرائڻ ۽ نينگرين جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جا تڪڙا ڪيس هلائي کين سبق آموز سزائون ڏيڻ ،سنڌ ميڊيڪو ليگل جي نظام کي مضبوط بڻائي ان ۾ عورت ڊاڪٽرن جي به ڀرتي ڪري ميڊيڪو ليگل ۾ ڪم ڪندڙن جي ميڊيڪل ۽ انساني حقن جي تربيت ڪئي وڃي، زنا ۽ عورتن جي قتل ۾ميڊيڪل رپورٽ ڏيڻ کي آسان ۽ فوري بڻايو وڃي. اها ڳالهه ڪالهه جمع ڏينهن تي سنڌ ويمن لايرس الائنس طرفان پاڪ آمريڪا ڪلچرل سينٽر ۾ عورتن جي هَن ۽ انهن جي قانوني مدد جي موضوع تي هڪ سيمينار ۾ تقريرون ڪندي چئي وئي. ان موقعي تي الائنس جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۽ سنڌ ۾ نينگرين ۽ عورتن جي اغوا، قتل ۽ زنا جي ڪيسن جا موجود انگ اکر دراصل انهن جي زندگي جا عذاب آهن، جنهن خلاف رياست پنهنجو ذميوار ڪردار ادا ڪري، سنڌ حڪومت جي عورتن جي ڀلائي جي کاتي ۽ ڪميشنن ۾ عورت آفيسر ۽ اسٽاف نه هئڻ جي برابر آهي، هن چيو ته ايس پي سطح جا آفيسر به ننڍي عمر جي نينگرين جي ميڊيڪل رپورٽن بدران انهن جي وڏين عمرين ۽ رضا خوشي جي شادي جي جڙتو ڳالهين کي اهميت ڏين ٿا، اسان جي ملڪ ۾ زنا، قتل ۽ ٻين مسئلن تي ميڊيڪو ليگل رپورٽ جو نظام انتهائي خراب آهي، جيڪو متاثر عورت جي خاندان کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ٿو. الائنس جي ٻي اڳواڻ وڪيل مارئي ڪلهوڙو چيو ته پوليس آفيسرن ، اسيمبلي ميمبرن ،پڙهيل لکيل عورتن، مردن سميت سماج جي سرگرم ماڻهن کي آئين، قانون ۾ عورتن کي مليل حقن بابت معلومات نه آهي،انساني حقن جي اڳواڻ قاضي خضر حيات چيو ته ملڪ سميت سنڌ ۾ عورتن جي عزت ۽ انهن جا حق محفوظ نه آهن، کين غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ٿو وڃي، جرڳن وسيلي انهن جو وڪرو ۽ قتل جو اگهه مقرر ڪري، فاطمه ڦرڙو وانگر انهن جا ڪيس ختم ڪرڻ وڏيرا ۽ سردار متاثر عورتن جي واقعن ۽ مائٽن تي دٻاءُ وجهي ڪيس تان هٿ کڻائي رهيا آهن . سنڌ ڪميشن آن اسٽيٽس آف ويمن جي فوڪل پرسن امبر ڀاٽيا چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي ڀلائي ۽ حقن لاءِ گهڻا ڪم ڪري رهي آهي، مايوسي واري صورتحال نه آهي، هن کان اڳ ڪميشن جي چيئرپرسن نزهت شيرين پنهنجا ڪم مڪمل نه ڪري سگهي هئي، گهرو کاتي ۽ پوليس ۾ عورتن جي حقن جي تربيت جي وڌيڪ پروگرامن جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڪپيل ديو، روبينا چانڊيو، مهيش ڪمار، فهميده رياض، سليم فقير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.