صحت کاتي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڊائريڪٽر فنانس کان اختيار واپس وٺي ڇڏيا

لاڙڪاڻو (سٽي رپورٽر )لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج  اسپتال ۾ مقرر ڊائريڪٽر فنانس  ڪاظم ڀٽو کان صحت کاتي سنڌ  هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي سمورا  اختيار واپس وٺي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ  لاڙڪاڻو ڊاڪٽر نياز حسين ڏاهري جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن  عوامي آواز کي  ٻڌايو آهي ته ڊائريڪٽر فنانس ڪاظم ڀٽو ۽ اڳوڻي ايم ايس  ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي جي وچ   ۾ ڪجهه اختيارن جي معاملي تي هلندڙ اختلاف سبب  صحت کاتي سنڌ ڊائريڪٽر فنانس ڪاظم ڀٽو کان سمورا اختيار واپس  وٺي ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.