ڪوٽ مير محمد (رپورٽ: عبدالرحيم عباسي) ڪوٽ مير محمد ڀرسان ڪوٽ پل ۽ وڏا ماڇيون ۾ سولنگي جاڳيراڻي تڪرار ٻيهر تيز ٿي ويو ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ وڏاماڇيون جو رهواسي 28 سالن جو نوجوان عبدالشڪور سولنگي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ٿي ويو، قتل ٿيل نوجوان جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وڏا ماڇيون جو علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو به جاري آهي. ٻئي طرف علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته سولنگي ۽ جاڳيراڻي برادرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن.