ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حيدرآباد جي آءِ ٽي ٽيسٽ جي نتيجن جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ گورنر انيشيئيٽو تحت مفت آءِ ٽي ڪورسز لاءِ 80 هزار نوجوانن ٽيسٽ ڏني هئي، جنهن مان 54 هزار نوجوان پاس ٿيا. گورنر جي انيشيئيٽو تحت پاس ڪيل نوجوان آرٽيفيشل انٽيليجنس، ميٽاورس ۽ جديد آئي ٽي جا ويب 3 جا ڪورس ڪندا. گورنر سنڌ چيو ته پاس نه ٿيندڙ شاگردن کي ٻيو موقعو ڏنو ويندو. هن چيو ته سکر ۾ آءِ ٽي ڪورسز جي ٽيسٽ لاءِ رجسٽريشن ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪئي ويندي.