اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪجهه نيون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن.اليڪشن ڪميشن موجب سعيد گل کي صوبائي اليڪشن ڪمشنر خيبرپختونخوا جڏهن ته شمشاد خان کي اليڪشن ڪميشن ۾ ڊي جي ٽريننگ مقرر ڪيو ويو آهي.علي اصغر سيال کي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اليڪشن سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته نذر عباس کي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر ايڊمن سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.ريجنل اليڪشن ڪمشنر رخشان نعيم احمد کي ڊائريڪٽر صوبائي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان ۽ سميع الله ڪاڪڙ کي ريجنل اليڪشن ڪمشنر رخشانه مقرر ڪيو ويو آهي. گوهر رحمان کي ضلعي اليڪشن ڪمشنر نوشڪي ۽ آصفه خورشيد کي اليڪشن آفيسر مري مقرر ڪيو ويو آهي.