ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گنڀير پاڪستان جي اسٽار بيٽر بابر اعظم جي تعريف ڪئي آهي.
گوتم گنڀير پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم سان گڏ آن لائن پروگرام ۾ بابر اعظم جي تعريف ڪئي.
هن چيو ته بابر کي ڪنهن کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي ضرورت ناهي، کيس ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني جي ضرورت ناهي.
سندس چوڻ هو ته بابر کي پي ايس ايل کٽي ڪجهه نه ملندو، وٽس ايتري صلاحيت آهي جو هو پاڪستان جو اهڙو بيٽر بڻجي سگهي ٿو، جيڪو اڄ تائين پيدا نه ٿيو.
ان موقعي تي وسيم اڪرم چيو ته ڪجهه سال اڳ بابر کي مشورو ڏنو هو ته ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني نه ڪيو، ليگ کيڏو، رنسون ٺاهيو، پئسو وٺو ۽ گهر وڃو، ايندڙ ايونٽ جي تياري ڪيو.
هن چيو ته بابر اعظم باصلاحيت آهي، ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني سان واڌو دٻاءُ ايندو آهي.
You might also like