لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سومر تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، 26 آگسٽ تي تعليمي ادارا، سرڪاري آفيسون بند رهنديون.
پنجاب حڪومت حضرت داتا گنج بخش جي سالياني عرب تي مقامي موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
ان حوالي سان چيف سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 26 آگسٽ تي ڊسٽرڪٽ لاهور ۾ موڪل هوندي ۽ سمورا تعليمي ادارا، سرڪاري آفيسون ۽ مارڪيٽون بند رهنديون.
واضح رهي ته حضرت داتا گنج بخش جو 981هون ساليانو عرس 24 آگسٽ کان شروع ٿيندو، جيڪو 26 آگسٽ تائين جاري رهندو.
You might also like