”تحريڪ انصاف قيادت عمران خان کي جيل مان نٿي ڪڍرائڻ چاهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان الزام هنيو آهي ته پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت باني کي جيل مان نٿي ڪڍرائڻ چاهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عليمه خان جلسو رد ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي جلسو رد ڪرايو ويو آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت عمران خان کي جيل مان ڪڍرائڻ جو ڪو ارادو نٿي رکي، اها فيصلو پاڻ ڪندي آهي ۽ نالو عمران خان جو ڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.