اسلام آباد جلسو رد ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ 5-5 هزار ورهايا ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جلسو رد ٿيڻ تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ 5-5 هزار رپيا ورهايا ويا.
تحريڪ انصاف ضلعي انتظاميا طرفان اجازت نه ملڻ تي ترنول ۾ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جلسو رد ٿيڻ تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ 5-5 هزار رپيا ورهايا ويا.
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوابي پهچي ڪارڪنن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن ۾ 5-5 هزار رپيا ورهايا، ان موقعي تي شبلي فراز ۽ عمر ايوب به موجود هئا.
خيبر پختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو ته ڪارڪنن ۾ پئسا ورهائڻ جو ڪو وڏو سبب ناهي، وڏو وزير غريبن جو همدرد آهي، هن پنهنجي کيسي مان پئسا ورهايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.