بجلي تي ٻيا صوبا به پنجاب وانگر رليف ڏئي سگهن ٿا،سياست نه ڪئي وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن مان بجلي واهپيدارن کي 200 کان 500 يونٽن جو رليف ڏنو آهي. باقي صوبا به پنهنجي صوبي جي عوام کي اهو رليف ڏئي سگهن ٿا پر ڪجهه هنڌن تان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون آهن، جيڪي افسوسناڪ آهن. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته صوبائي حڪومتون وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کنيا آهن، روڊن ۽ پلن کي به نقصان پهچايو ويو آهي. بجلي جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ 50 ارب جي گهٽتائي ڪري 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏنو ويو، سڄي ملڪ ۾ 86 سيڪڙو صارفين حڪومتي رليف مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاور سيڪٽر جي خساري کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ بجلي چوري جو هميشه لاءِ خاتمو ڪيو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن مان بجلي صارفين کي 200 کان 500 يونٽن جو رليف ڏنو آهي. پنجاب حڪومت صارفين کي 2 مهينن لاءِ وڏو رليف ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته پنجاب حڪومت جي ڏنل رليف ۾ وفاقي حڪومت جو ڪو به حصو ناهي، باقي صوبا به پنهنجي صوبي جي عوام کي اهو رليف ڏئي سگهن ٿا، پنجاب حڪومت وانگر ٻين صوبن کي به پنهنجي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ان معاملي تي سياست نه ڪريو، اين ايف سي تحت 60 سيڪڙو حصو صوبن کي وڃي ٿو، صوبن وٽ ڪافي ترقياتي بجيٽ آهي، اسان کي هوشياري ۽ احتياط سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته بجلي جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ حڪومت وانگر ڪو به جاهلاڻو قدم نه کڻنداسين، آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي .  هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو ٿي ويو آهي، ٽيڪس روينيو گڏ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، ايف بي آر پاران پاور سيڪٽر ۾ خسارو گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.