ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جن ماڻهن ماضي ۾ مهانگا پاور پلانٽ لڳائي سنڌ حڪومت کي سستي بجلي پيدا ڪرڻ کان روڪيو، اهي اڄ سولر پينل ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي رد عمل ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪم کي خراب ڪري وري ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ خرچ ڪرڻ معنيٰ پئسا پاڻي ۾ اڇلائڻ جي برابر آهي، سنڌ حڪومت ائين نه ڪندي. هن چيو ته اسان هميشه سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ ڪم ڪيو آهي، صوبي جي عوام جو اسان تي اعتماد آهي، صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي هدايتن ۽ رهنمائي ۾ بجلي بحران کي حل ڪنداسين.ڄامشورو، سيوهڻ، ڪڪڙ، خيرپورناٿن شاهه، جوهي، قمبر، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، نئون ديرو جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بجلي جو بحران پيدا ڪيو ويو، امپورٽيڊ ڪوئلي ۽ ايل اين جي تي مهانگا پاور پلانٽ لڳايا ويا، سنڌ حڪومت کي ونڊ ۽ سولر پاور پلانٽ لڳائڻ کان روڪيو ويو پر هاڻي پاڻ سولر پلانٽ لڳائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.هن چيو ته ايم اين وي ڊرين وفاقي حڪومت کي ٺاهڻي هئي، ڇا اها وفاق ٺاهي؟ اسان ڄام خان شورو کي چيو ته ايم اين وي تي ڪم شروع ڪريو، بل وفاق ڏانهن موڪلينداسين، مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام تي پئسا خرچ نه ڪري رهي آهي، جڏهن سال شروع ٿيو ته هن وفاقي حڪومت کي چيو ته اسان کي منصوبي لاءِ پئسا گهرجن، جواب آيو ته منصوبي لاءِ پئسا ناهن، هاڻي وفاق وٽ خراب ڪيل ڪم کي وري ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اوچتو ايترا پئسا ڪٿان ٿا اچن؟ قمبر جي رپورٽر موجب وڏي وزير قمبر ۾ حمل ڍنڍ ۽ ايم اين وي ڊرين ۽ 2022 ع ۾ تباھ ٿي ويل گھرن جو نئين سر تعمير جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته ايم اين وي ڊرين جي بندن جي حالت خراب آهي، وفاقي حڪومت ايم اين وي ڊرين جي مرمت لاءِ ساڍا 8 ارب روپيا رکيو ويٺي آهي پر جاري نه ٿي ڪري جنهن ڪري گذريل ٻوڏ کانپوءِ حمل جي زيرو پوائنٽ کان شروع ٿيندڙ ايم اين وي ڊرين جو کاٻو پاسو مڪمل طور تي تباھ ٿيل آهي ۽ ساڄي پاسي جي به حالت ڏاڍي خراب آهي جنهن ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي رقم جاري ڪري ته جيئن ايم اين وي ڊرين جو ڪم تسلي بخش ٿي سگهي، لاڙڪاڻي جي رپورٽر موجب موريو بند جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته انشاءَ الله سنڌو درياءَ تي ڪو به مسئلو يا خطرو نه آهي اسان کي وڌيڪ ڪوه سليمان ۽ جابلو علائقن مان ايندڙ برساتن مان خطرو آهي اهو برساتي پاڻي حمل ڍنڍ، ايم اين وي ڊرين ۽ منڇر ڍنڍ جي ڀرجڻ سان مسئلو ٿيندو آهي. 25 ۽ 26 آگسٽ تي به برسات جي هڪ اسپيل جو امڪان آهي ان سلسلي ۾ هتي آيو آهيان، اسان پنهنجي ماڻهن کي ڪڏهن ته اڪيلو نه ڇڏينداسين. سيوھڻ ۾ منڇر ڍنڍ جي دوري دوران اڙل واھ ھيڊ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولھه ڪندي وڏي وزير چيو ته منڇر جي پوزيشن ھن وقت خراب ناهي جيڪڏهن وڌيڪ برساتون پيون ته مدد لاءِ تيار آهيون. منڇر ڍنڍ جي ليول ھن وقت 114 ۽ سنڌو درياه جي ليول 115 آر ايل آهي ان ڪري اسان ھن وقت منڇر مان پاڻي درياهه ۾ ڪڍي نٿا سگھون، اميد آهي ته 10 سيپٽمبر تائين درياهه جي ليول گھٽ ٿيندي جنهن بعد منڇر مان پاڻي ڪڍي سگھبو، ھن چيو ته بدقسمتي سان ايم اين وي ڊرين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وفاق وٽ پئسا ڪونھن جنهن تي وفاق آڏو احتجاج ضرور احتجاج ڪندس ته انھن کي نقصان کان پھرين سنڌ جي عوام جو خيال ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته برساتن بابت اڃان ڪا اھڙي ڳڻتي جي ڳالهه ناهي، الله کان دعا آهي ته رحمت جي برسات وسائي ڇو ته قدرت سان نٿا وڙھي سگھون، ڪڪڙ جي رپورٽر موجب وڏي وزير ايم اين وي ڊرين آر ڊي 215 جي دوري تي پھچي ايم اين وي ڊرين ۽ نئين سر تعمير ٿيل جوھي بئراج معائنو ڪيو ۽ پراڻو مَلبو هٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ايم اين وي ڊرين جا بند مڪمل طور ڪمزور آھن اڃا تائين ٻوڏ دوران پيل گھارا بند نه ٿيا آھن، برسات دوران ايم اين وي تي خطرو پيدا ٿي سگھي ٿو جنھن لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائيندس.جوهي جي رپورٽر موجب وڏو وزير جوهي پهچي ايف پي بند جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڪاڇي ۾ ٻوڏ سبب ماڻهو خوش ٿين ٿا واري سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته منهنجو تعلق به هن علائقي سان آهي ۽ منڇر رهڻ وارو آھيان، ڪاڇي ۾ هميشه ڏُڪار واري صورتحال رهندي آهي جڏهن نئين گاج سميت مختلف نيون وهي اچن ٿيون ته يقينن ڪاڇي واسين کي تڪليفون ٿين ٿيون انهن جا روڊ رستا بند ٿين ٿا پر اهو پاڻي ڪاڇي واسين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.