پاڪ فوج کي سياسي مفادن خاطر غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملوث ھئا انڪري انھن جي خلاف احتساب جو عمل شروع ٿي ويو آھي ان جي عڪاسي فيض حميد جي گرفتاري کان پوءِ وڌيڪ ٽن رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي گرفتار ڪرڻ مان ڪري سگھجي ٿو جن متعلق خود پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل ۾ 3 وڌيڪ رٽائرڊ آفيسرن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، ممڪن آھي ان جانچ ۾ ٻين کي شامل ڪري ڇڏين، جن رٽائرڊ آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آھي تن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته اھي سياسي مفادن جي نالي تي ملڪ ۾ عدم استحڪام کي هٿي وٺرائي رهيا ھئا انھن گرفتار ٿيلن ۾ برگيڊيئر غفار، برگيڊيئر نعيم ۽ ڪرنل (ر) عاصم به شامل آهي، ٽنهي آفيسرن سياسي پارٽي ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد وچ ۾ رابطن ۾ ملوث هئا، جيئن فيض حميد چڪوال جو آھي تيئن ٻنهي رٽائرڊ برگيڊيئرن جو تعلق به چڪوال سان آھي ۽ اهي جنرل فيض جا خاص ۽ منظور نظر آفيسر هئا جيڪي ريٽائرمينٽ کانپوءِ سياسي پيغامن ۽ سهولتڪاري ۾ به ملوث ھئا اھي پيغام اڳتي پھچائيندا ھيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض جي فيلڊ ڪورٽ مارشل لا ڪرڻ جو بظاھر شروعاتي گرفتاري ٽاپ سٽي پراجيڪٽ جي مسئلن تي ڪرپشن جي الزام سبب بظاھر ڪيو ويو، پر ھن جي حد کان مٿي مشڪوڪ سرگرمين خاص ڪري عسڪري اداري کي نقصان پھچائڻ لاءِ اتساھڻ ۽ تحريڪ انصاف پارٽي سان رابطن بابت جانچ شروع ٿي آھي ان ڪري نه رڳو مٿين ذڪر ڪيل عسڪري اداري جي رٽائرڊ آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آھي پر اڊيالا جيل جي ڊپٽي جيل سپريڊنٽ ظفر غوري ۽ اسسٽنٽ ظھير شاهه کي به گرفتار ڪري جانچ شروع ڪئي وئي آھي ان کان سواءِ ممڪن آھي ٻيا وابسته ماڻھو ان جانچ ۾ شامل ڪيا وڃن ۽ لڳي ايئن ٿو اڳتي ھلي ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي ملوث اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويندو. ميڊيا جي خبرن ۽ مختلف تجزيا نگارن جي تجزين ۽ راين تي نظر وجھنداسين ته خبر پوندي ته
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد تي لڳل الزامن تي ڪافي حد تائين کيس بچايو ويو سندس خلاف ڪارواين جو رڪجي وڃڻ کيس ان خيال ۾ وجھي بلڪل بي خوف ۽ بالاتر ڪري ڇڏيو ھو انڪري ھو ٽائرڊ ٿين کان پوءِ به ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان پنھنجين روايتي سرگرمين ۾ لڳو پيو ھو جڏھن ان کان اڳ کيس نومبر 2022ع ۾ جنرل قمر جاويد باجوا چيو هو ته جيڪڏھن جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻجي ويو ته هو سندس ڪورٽ مارشل ضرور ڪرائيندو پر فيض صاحب کي خام خيالي هئي ته عاصم منير آرمي چيف نه بڻجي سگهندو. جڏهن عاصم منير آرمي چيف ٿيو ته فيض صاحب وقت کان اڳ رٽائرمينٽ ورتي. رٽائرمينٽ کان پوءِ هو ڪجھه وقت محتاط رهيو پر جڏهن سندس خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي ته هو وڌيڪ لاپرواهه ٿي ويو هڪ اهڙي نظام جي پيداوار هو جتي طاقت جو غلط استعمال نه ٿيندو آهي، اختيار جي غلط استعمال تي اداري اندر احتساب به عمل ايندو آهي، فيض حميد کي يقين هو ته جيڪڏهن سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي نه هو ثابت ڪري ڇڏيندو ته هن جيڪو ڪجھه ڪيو آهي اهو جنرل قمر جاويد باجواجي حڪم تي ڪيو آهي ۽ ڪنهن کي به اها جرئت نه ٿيندي ته هو باجوا خلاف ڪارروائي ڪري تجزيه نگارن جي مطابق فيض حميد پاڻ کي ڏاڍو چالاڪ ۽ سياڻو سمجهندو هو ۽ اها ئي سندس وڏي خامي هئي سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ هو هڪ نه پر ٽن مختلف پارٽين جي قيادت سان رابطي ۾ رهيو، هن تحريڪ انصاف جي ڏکڻ پنجاب جي هڪ اڳواڻ ذريعي مختلف ماڻهن کي پيغام موڪليا ۽ تحريڪ انصاف کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هو پنهنجي من پسند ماڻهن کي پارٽي ۾ عهدا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف ۾ سندس خلاف بيچيني پيدا ٿي وئي هئي. ان پريشاني جي ڪري ڪجھه خبرون به آيون ته هن تحريڪ انصاف جي ڪجھه اڳواڻن کي حاضر سروس فوجي آفيسرن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن انهن خبرن جي تصديق ٿي ته فيض حميد خلاف 7 سال پراڻو ڪورٽ مارشل ڪيو ويو . ٽاپ سٽي اسلام آباد ڪيس جي جاچ دوران سندس خلاف ٺوس ثبوت سامهون آيا، پر جنرل قمر جاويد باجوا سندس خلاف ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ھئي ٽاپ سٽي ۾ فيض مٿان الزام ڪي لڪل نه ھئا اصل ٽاپ سيڪريٽ ڪيس هئا، جنهن سبب فيض حميد کي پڪ هئي ته سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي. سندس اعتماد جو وڏو سبب پاڪستان جي وڏين سياسي پارٽين ۾ سندس گهرا لاڳاپا هئا. مسلم ليگ (ن) ۾ سندس لاڳاپن جي اونهائي جو اهو مثال هو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. ان ڪميٽيءَ ۾ موجوده حڪومت پنهنجا انتهائي معتبر پوليس آفيسر شامل ڪيا. 2017ع ۾ حڪومت ۾ شامل مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ڪميٽي آڏو پيش ٿيا ۽ ڪميٽي فيض حميد کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو.
عام تاثر اهو آهي ته فيض حميد تحريڪ انصاف جي تمام ويجهو هو، پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته سندس مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سان گهرا لاڳاپا هئا. 2019ع ۾ هن انهن لاڳاپن جي مدد سان نه رڳو نواز شريف کي طبي بنيادن تي پاڪستان کان ٻاهر موڪليو پر انهن ٽنهي پارٽين کي جنرل باجواجي مدي ۾ واڌ لاءِ به راضي ڪيو. باجوا کي واڌ ڏيڻ ۾ فيض جي به پنهنجي دلچسپي هئي. توسيع جي نتيجي ۾ ڪجھه سينيئر آفيسر رٽائر ٿي ويا ۽ فيض حميد جو نالو مٿي اچي ويو 2022ع ۾ باجوا هڪ ٻي واڌ ڪرڻ چاهي پيو پر هن ڀيري فيض حميد پاڻ آرمي چيف ٿيڻ چاهيو ٿي فيض حميد آرمي چيف جي حيثيت سان جلد چونڊون ڪرائڻ چاهيو پئي ۽ سندس پلان هو ته پاڪستان جي آئين کي تبديل ڪري تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽيءَ جي گڏيل حڪومت ٺاهجي. اھي به خبرون آھن ھن آصف علي زرداري کي نواز شريف وانگر طبي بنيادن تي پاڪستان کان ٻاهر موڪلڻ چاهيو ٿي هن بلاول ڀٽو کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بلاول پنهنجي والد خلاف ڪنهن به سازش جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بلاول مسلم ليگ (ن) سان گڏجي پي ڊي ايم ٺاهي ۽ اهڙي طرح عمران خان جي حڪومت کي ڊاهڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي.
باجوا عمران خان خلاف سازشون شروع ڪيون ڇاڪاڻ ته خان صاحب ڪجھه معاملن تي باجوا جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار نه هو. پهريون حملو عثمان بوزدار تي ٿيو ٻيو تڪرار اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي ٿيو ۽ پوءِ جڏهن باجوا فيض حميد جي معرفت هندستان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊول سان اهڙا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا جن جي عمران خان کي خبر نه هئي. جڏهن اپريل 2022 ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو پاڪستان جو دورو طئي ٿيل هو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي دوري کي رد ڪري ڇڏيو هو. عمران خان پنهنجي پرڏيهي وزير جي حمايت ڪئي. باجوا ڪاوڙيل هو ۽ فيض حميد ٻنهي طرفن کان راند ڪري رهيو هو هڪ طرف هن لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت سان جنگ بندي جي معاهدي تي اتفاق ڪيو ته ٻئي طرف عمران خان باجواتي الزام هنيا. عمران خان جو چوڻ هو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري پاڪستان کي ڌوڪو ڏنو. ان ڪري ان کانپوءِ ڀارت سان جنگبندي ۽ نريندر مودي جو پاڪستان دورو انهن لاءِ مسئلا پيدا ڪندو. ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني انهن سمورن واقعن تي نه رڳو ناراض ٿيو ۽ جڏھن عمران خان مودي جي پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو ته باجوا سان ڊيڊ لاڪ ٿي ويو. بعد ۾ صدر عارف علوي اهو تعطل ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر فيض حميد عمران خان کي صلاح ڏني ته باجوا تي اعتبار نه ڪيو وڃي. فيض حميد ڪڏهن به عمران خان جو همدرد نه هو. هو خان صاحب سميت سڀني سان ڊبل گيم ڪندو رهيو. 2019ع کان 2022ع دوران هن ڪجھه اهم پرڏيهي شخصيتن سان به لاڳاپا قائم ڪيا هئا بھرحال اڄ ھو ڪجھه ٻين سميت جانچ جي پراسيس مان گذري پيو سندس مٿان ٿيندڙ جانچ ٻين ڪيترن کي جانچ ۾ شامل ڪري سگھي ٿو جڏھن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته آھي ته سوشل ميڊيا تي منھنجي گرفتاري جي ڳالهه ڪوڙي آھي آئون ملڪ کان ٻاھر آھيان سيپٽمبر ۾ ملڪ واپس ايندس، منھنجو فيض حميد جي معاملي سان ڪوبه واسطو ناھي. اڊيالا جيل ۾ دوران شنوائي صحافين سان ڳالھائيندي عمران خان چيو آهي ته جنرل باجوا منهنجي منع ڪرڻ باوجود جنرل فيض کي هٽايو ۽ پي ٽي آءِ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو پر سٺي ڳالهه آهي ته فوج اندروني طور حتساب جو ڪم ڪري رهي آهي احتساب جيڪڏهن جاري آهي ته پوءِ سڀني جو ڪيو وڃي، ھن چيو خواجه آصف چئي ٿو جنرل فيض 9 مئي واقعي ۾ ملوث آھي جيڪڏهن 9 مئي واقعي ۾ جنرل فيض ملوث آھي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، پر 9 مئي واقعو در اصل لنڊن پلان جو حصو آھي. جڏھن ته چيف آف آرمي جي دعوت عسڪري اداري جي آفيسرن شرڪت ڪئي آھي.اتي موجودہ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي.
بهرحال انهن گرفتارين مان لڳي ٿو عسڪري ادارن ھن مسئلي کي بلڪل سنجيده ورتو آھي ان جو اھو فائدو ضرور ٿيندو. اڳتي لاءِ ڪنھن کي به اھا جرئت نه ٿيندي ھو ملڪ ۽ ان جي ادارن جي خلاف سازشون ڪري.