بنگالين جي ديش ۾ خراب تبديلي

تحرير: مجيد نواز مغل

بنگالي آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ 2024ع ۾ آيل تبديليءَ بعد چيو ته سڀ ڪجهه فوج جي مرضي سان ٿيندو ۽ عبوري سولين حڪومت جوڙي ويندي جنهنجو مطلب آهي ملٽري جماعت اسلامي کي ٻيهر جيئرو ڪري اقتدار ۾ شامل ڪندي ۽ عوامي ليگ کي ڌوتو ويندو، آمريڪي اثر رسوخ کي کلي ڇوٽ هوندي ۽ آمريڪا بنگلاديش جي معيشت کي آءِ ايم ايف جي ڇانو ۾ رکي اتان جي پنهنجي پيرن تي بيٺل معيشت کي پاڪستاني معيشت وانگر گوڏن ڀر جهڪائيندو،چائنا جي وٽ ۾ آمريڪي اڏا به قائم ٿيندا جنهن سان چائنا خلاف ان جي ڀر ۾ محاذ کلندو ۔ جنهن سان چين کي سوڙهو ڪرڻ جي ايجنڊا تي پڻ ڪم شروع ٿي ويندو انهن سڀني ڪمن لاءِ ملا ملٽري اتحاد ڪارگر ٿيندو. افسوس جو ٽين دنيا جي ٻين ملڪن جيان حسينا واجد به عوام بدران فوج تي ڀاڙيو ۽ فوج اهو ئي ڪيو جيڪو اڳ ۾ ڪندي آئي آهي ـ ھي سڄي شرارت آمريڪا ۽ بنگلا ديش جي ملٽري جي آهي جنهن اهڙا حالات پيدا ڪري جمهوريت جا ٽپڙ گول ڪرايا.

شيخ حسينا واجد فوج تي  ڀاڙڻ بدران ۽ طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران عوام تي ڀاڙي ها يا پاڻ ئي نين چونڊن جو اعلان ڪري اقتدار کان الڳ ٿئي ها ته سندس اهڙي تنزلي نه ٿئي ها جو کيس آرمي چيف جي 45 منٽن جي الٽيميٽم تي ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو  ايتري تائين جو کيس آخري خطاب به ڪرڻ نه ڏنو ويو.

سياسي تجزيا نگارن موجب بنگلا ديش ۾ ڊاڪٽر يونس جي حڪومت سنڀالڻ کان  پوءِ اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته  اين جي اوز ڪلچر سياسي  قوتن جي متبادل طور ملڪ ۾ غربت ختم ڪرڻ ۽ عوام ۾ خوش حالي آڻي ملڪ کي ترقيءَ جي راھ تي لڳائي سگھن ٿيون پر منھنجي خيال ۾ اين جي اوز فقط مرھم پٽيءَ جو ڪم ڪري سگھن ٿيون ڪو به مستقل سياسي متبادل نه ٿيون ٿي سگھن،بھرحال سرمائيداري نظام  پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي عوام کي اين جي اوز جي سحر انگيزيءَ ۾ ڦاسائي غير سياسي ڪرڻ ۾ گھڻي قدر ڪامياب وڃي رھيو آھي ۽  اين جي اوز ڪلچر جي معاشي سماجي سھولتين، غير ملڪي دورن، وڏين ھوٽلن ۾ ڪانفرنسن ۽ ٻين لالچن چڱن ڀلن تجربيڪار سياسي ڪارڪن کي به پنھنجي سحر ۾ ڦاسائي منجمد ڪري ڇڏيو آھي. انڪري چڱن ڀلن سياسي غير سياسي دوستن ڊاڪٽر يونس جي  حڪومت سنڀالڻ کان  پوءِ  اين جي اوز ڪلچر جي تعريف ۾ ضروري غير ضروري قصيدا پڙھڻ شروع ڪيا آھن .

بنگلا ديش اسان جي خطي يعني ننڍي کنڊ جو مک ملڪ آھي ان ڪري ئي عالمي سامراج انھيءَ مک ملڪ جي لوڪيشن يعني جاگرافي اھميت کي سامھون رکندي پنھنجن مفادن خاطر مختلف قسم جون ڳجھيون چالون ھلندو رھيو آھي 1971 ع کان ھن ملڪ جي آزادي واري وقت کان پنھنجا وحشي چنبا ھت کوڙھڻ لاءِ سرگرم عمل نظر آيو آھي ـ بنگلا ديش جي موجوده صورتحال ۾ جيئن شيخ مجيب جي مجسمن کي ٽوڙي ھٽايو ويو ۽ ان جي فوٽن جي بيحرمتي ڪئي وئي اھو عمل اخلاقي ۽ سياسي طور ٺيڪ نه ھو ـ اقتدار سنڀاليندڙن کي بردباري جو مظاھرو ڪندي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بدران پنھنجي نئين سرڪار جي جوڙجڪ مٿان ڌيان ڏيڻ کپندو ھو نه ڪي مظاھرا ڪري بنگلا ديش جي روڊن تي لڳل مجسمن جي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ گھر جي ھا ؟

بنگلا ديش ھن وقت عالمي سامراج جي جديد بيٺڪيت موجب ھلايو پيو وڃي جتي رجعت پسند ۽ انتھا پسند جماعت اسلامي جي خاص ليڊرن موجوده سرڪار جي جوڙجڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو آھي ۽ اھي شاگرد جن حسينا واجد جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ تحريڪ ھلائي سڀ جا سڀ شاگرد جماعت اسلامي جي اسٽوڊنٽس ونگ جا ڪارڪن ۽ سرگرم اڳواڻ ھيا ـ

حسينا واجد جتي ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ مک اپاءَ ورتا ھيا ۽ ان ۾ ڪجهھ ڪاميابي پڻ حاصل ڪئي هئي اتي اصل ۽ حقيقي جمھوريت کي مٿي اچڻ نه ڏنو بلڪ سياسي مخالف ڌر خلاف ڪات ڪھاڙا اڀا ڪيا ھيا جماعت اسلامي وارن خلاف ڪارروائي ته سمجھه ۾ اچي ٿي ته انھن ملڪ ٺھڻ مھل الشمس ۽ البدر ذريعي وڏي خونريزي ڪرائي۽ عورتن جون عصمتون لٽيون پر ٻين مخالف ڌر وارن کي پڻ گاھ نه وڌو جنھن جي ڪري اتي ايندڙ بغاوت ڀڙڪي

علمي سياسي تجزئي نگارن موجب بنگلاديش جو مستقبل تابناڪ نظر اچڻ بدران آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف جو غلام ٿي ھلڻ نظر اچي پيو ملڪ جي مضبوط اقتصادي صورت حال بھتر ھجڻ بجاءِ قرضن ۾ ڦاٿل رھندي ـ مختلف بحرانن ذريعي انھيءَ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ٻيڙو غرق ڪندي روزگار جو مسئلو بنيادي مسئلو بڻجي بنگالي نوجوانن جي مستقبل کي  تاريڪ بڻائي ڇڏيندو جيئن پاڪستان جي پاڙن ۾ رشوت جھڙو ناسور وڌو ويو ائين ئي بنگلاديش ۾ پڻ بي ايمان ۽ رشوت خوري عروج تي اچي بيھندي ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.