دبئي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بنگلاديش مان گڏيل عرب رياستن (يو اَي ايِ) منتقل ڪيو ويو آهي.
وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بنگلاديش ۾ شيڊيول هو پر بنگلاديش جي موجودا سياسي صورتحال سبب ٽورنامنيٽ يو اي اي منتقل ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي پڌرائي موجب، وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ گڏيل عرب رياستن منتقل ڪيو ويو آهي پر ايونٽ جو ميزبان بنگلاديش ئي هوندو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ڪجهه ملڪن جي ٽريول ايڊوائزري سبب بنگلاديش ۾ ايونٽ ممڪن نه هيو، بنگلاديش يادگار ايونٽ ڪرائي ها، ٽورنامينٽ جي منتقلي تي افسوس آهي.
آءِ سي سي موجب، وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون دبئي ۽ شارجا ۾ کيڏيو وينديون، ميگا ايونٽ جا مقابلا 3 کان 20 آڪٽوبر تائين تائين جاري رهندا.
You might also like