ايم اين وي ڊرين کي مضبوط ڪرڻ وفاق جي ذميواري آهي: مراد علي شاهه

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم اين وي ڊرين کي مضبوط ڪرڻ جي ذميواري وفاق جي آهي، وزيراعظم کي درخواست ٿيو ڪيان ته بندن جي مضبوطي جو ڪم شروع ڪيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن قمبر ۾ حمل ڍنڍ ۽ ايم اين وي ڊرين ۽ 2022 ع ۾ تباھه ٿي ويل گھرن جو نئين سر تعمير جي معائني دوران ڪيو.
وڏي وزير چيو ته ايم اين وي ڊرين جي بندن جي حالت خراب آهي، سپريو بند مضبوط آهي، جڏهن ته ايف پي بند جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ وڌيڪ ڪم جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته ذميواري باوجود وفاق هڪ سيڪڙو به ڪم ناهي ڪيو، وزيراعظم ان حوالي سان ترت قدم کڻي، صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري رابطي ۾ آهن، هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.