سري ديوي جي ڌيءَ کي سرجري ڇو ڪرائڻي پئي؟ سبب سامهون اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سرڳواسي اداڪارا سري ديوي جي ننڍي نياڻي اداڪارا خوشي ڪپور خوبصورت نظر اچڻ لاءِ نڪ ۽ چپن جي سرجري ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
اداڪارائون هونئن ته خوبصورت نظر اچڻ لاءِ سرجريز ڪرائڻ باوجود ان ڳالهه جو ميڊيا تي اهڙي ريت اظهار ناهن ڪنديون ۽ اڪثر سرجري وارو سوال لنوائي وينديون.
پر گذريل سال بالي ووڊ انڊسٽري ۾ قدم رکندڙ اداڪارا خوشي ڪپور خوبصورتي ۾ اضافي لاءِ چپ ۽ نڪ جي سرجري ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ 12 ورهين جي خوشي پنهنجي ماءُ سري ديوي سان گڏ هڪ ايوارڊ شو ۾ شرڪت ڪندي ڏٺو ويو.
جئين ئي اِها پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي نظر آئي ته واهپيدارن تبصرا شروع ڏنا ۽ خوشي ڪپور کي ٽيگ ڪيو ته هوءَ پهريان گهڻو مختلف هئي ۽ هاڻ الڳ نظر اچي رهي آهي، خاص طور سندس نڪ ۽ چپن ۾ گهڻي تبديلي آئي آهي.
اداڪارا واهپيدار کي جواب ڏيندي اعتراف ڪيو ته هن خوبصورتي ۾ اضافي لاءِ چپ ۽ نڪ جي سرجري ڪرائي هئي.
خوشيءَ طرفان اعتراف کانپوءِ کيس واهپيدارن پاران تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا صارفين جو خيال آهي ته ايترو سچائي سان سرجري جو اعتراف ڪرڻ لاءِ مشهور شخصيتن کي وڏي جرئت جي گهربل هوندي آهي.
واهپيدارن موجب، اڪثر اداڪارائون ته قبول ئي ناهن ڪنديون پر خوشي ان شئي جو اعتراف ڪيو آهي اِهو عمل قابلِ تعريف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.