اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ وڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن موجب مختلف سياسي جماعتن جي درخواستن تي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ امڪاني اميدوارن جي چونڊ عمل ۾ شموليت لاءِ به تاريخ وڌائي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ هر ممڪن سهولت لاءِ تاريخ وڌائي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون هاڻ 9 آڪٽوبر 2024 تي ٿينديون، جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ 28 آگسٽ تائين وڌائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.