ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس پاران سنڌ ۾ بجلي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي چيمبر آف ڪامرس به سنڌ جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي چيمبر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب وانگر وفاق به سنڌ کي بجلي جي بلن ۾ فوري رليف جو اعلان ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي به بجلي جي بلن ۾ 14 رپيا في يونٽ رليف ڏنو وڃي. ڪراچي چيمبر مطالبو ڪيو ته سنڌ جو عوام به بجلي جي اضافي بلن سبب سخت پريشان آهي، وفاق پنجاب وانگر سنڌ کي به بجلي جي بلن ۾ فوري رليف جو اعلان ڪري، سنڌ جي عوام ۽ واپارين لاءِ في الحال بل ادا ڪرڻ ناممڪن آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.