اسلام آباد(حامد مير)جنرل(ر) فيض حميد ٽاپ سٽي هائوسنگ اسڪيم تي 2017ع ۾ چڙهائي ڪئي هئي ان وقت هو آءِ ايس آءِ ۾ ڊي جي سي هو، ان معاملي جي انڪوائري تڏهن ايم آءِ ۾ مقرر ميجر جنرل عاصم منير(موجوده آرمي چيف) ڪئي هئي،ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيز جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو،تڏهن جنرل باجوا کي هر شئي جي خبر پئجي وئي، هو خاموش رهيو، سوال اهو آهي ته جنرل فيض جي ڪرپشن جي جنرل باجوا کي سڄي خبر هئي ان جي باوجود هن جنرل فيض کي ٻه ڀيرا پروموشن ڏني،جنرل فيض جهڙا ڪردار پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پيدا ناهن ٿيا، هن کي سياست ۾ مداخلت جي کليل ڇوٽ مليل هئي،سياست ۾ مداخلت جاري رهي ته هڪ ٻيو جنرل فيض پيدا ٿي ويندو.