اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد کي سزا سان گڏ سندس جائيداد به ضبط ٿي سگهي ٿي، 1999ع جي فوجي بغاوت دوران تڏهوڪي وزيراعظم نوازشريف پاران مقرر ڪيل آرمي چيف جنرل ضياالدين بٽ کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو هو ته هن تي به فوج ۾ بغاوت جو الزام هو،جنرل فيض جو ڏوهه هن کان به وڏو آهي،هن کي ان کان به سخت سزا ملي سگهي ٿي سندس سموري ملڪيت ضبط ٿي سگهي ٿي، هن کي سوليٽري ڪنفائنمينٽ جي سزا به ٿي سگهي ٿي،ڪجهه هفتن ۾ ئي صورتحال واضح ٿي ويندي.