مبارڪپور ( رپورٽ : شهزادو کوسو کوسو) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ علي پور جي صابن واھ وٽان موسا الله آباد شاخ کي 30 فوٽ گھارو پئجي ويو ، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت گھاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي شاخ ۾ پاڻي تمام گھڻو ھجڻ ۽ برسات ھلڻ سبب گھارو بند نه ٿي سگهيو ، گھارو بند نه ٿيڻ سبب گھارو 30 فٽ مان وڌي 50 فٽ ٿي ويو ، گھارو لڳڻ سبب ڳوٺ عليپور کوسو ۽ پراڻو ميرل جي ڪيترن ئي گھرن ۾ پاڻي داخل ٿي ، جڏھن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل ميان شاداب ، محمد نواز کوسو ، زاھد کوسو ، نورحسن کوسو. عبدالخالق کوسو. ياسين کوسو سميت ڪيترن ئي آبادگارن جو ساريالو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي ، ھوڏانھن آبادگارن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته آپباشي عملي جي نااهلي سبب موسا الله آباد شاخ کي مسلسل 10 گھارن کان وڌيڪ پئجي چڪا آھن جنھن سبب اسان آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پھتو آھي اسين وزيراعلي سنڌ ، بلاول ڀُٽو زرداري کان مطالبو ٿا ڪيون ٿا ته ڪرپٽ ايريگيشن عملي خلاف نوٽيس وٺي انھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي .