ٽن قومي ڪارڪنن کي هاف فرائي ڪرڻ خلاف مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد( رپورٽر)سنڌ سجاڳي فورم پاران قومي ڪارڪنن زاهد چنا، جاويد سولنگي، آفاق عباسي کي هاف فرائي ڪرڻ خلاف  ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سارنگ جويو، غني عاجز، زاهد کوسو، مڪيش، رخسانه هاليپوٽو، رضوانه ميمڻ، مريم گاڏهي، سانول زهراڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته جيڪو سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجي حقن جي ڳالھ ڪري ٿو ان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هاف فرائي ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو جيڪي رات جي اونداهي ۾ گهرن م گهڙي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري نوجوانن کي گنڀي گم ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته قومي ڪارڪنن زاهد چنه، جاويد سولنگي، آفاق عباسي کي پوليس طرفان ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فرائي ڪري ڇڏيو آهي، سنڌي ماڻهن کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي جيڪڏھن متحد نه ٿياسين ته پوءِ ناانصافيون روز جو معمول بڻجي وينديون،هوڏانهن سنڌ سڀا اڳواڻ سنڌي انعام ساٿين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو 50 ڪلاڪن جي بُک هڙتال تي ويهي رهيو، خبر موجب حيدرآباد ۾ سنڌي سياسي ڪارڪنن جاويد مڱريو، زاهد چنو ۽ آفاق عباسي کي ٽنگ پروڻ ڪرڻ ۽ سجاد چني کي گم ڪرڻ سان گڏ سانول سولنگيءَ کي چرس جي ڪيس ۾ جيل ڀيڙو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو،  ان موقعي تي سنڌي انعام جو چوڻ هو تـ کنڀي گم ڪيل ۽ جيل ڀيڙو ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ بُک هڙتال تي ويٺا آهيون‏ ۽ سندن آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.