جوهي ( رپورٽ :ايم اسماعيل پيرزادو ) گاج نئن جي پاڻي ۽ برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي گذريل رات کير ٿر جبل ۾ تيز برساتون پوڻ ڪري نئن گاج 10 فٽ وهي اچڻ ڪري واهي پانڌي جي ڳوٺ سوري خان ۾ نئن گاج جي تيز وهڪري ڳوٺ جاڳر ون ۽ جاڳر ٽو ڀرسان سمال ڊيم کي اوور ٽاپ ڪري ڇڏيو جنهن سبب يوسي واهي پانڌي جي ڳوٺن جاڳر رستماڻي ون ۽ ٽو ، نظر علي رستماڻي ،پير بخش لاشاري،محمد عثمان رستماڻي ،شير محمد رستماڻي ،جلب کوسو ، علي محمد لغاري ، رانجهو ٻٻر ۽ ٻيا آس پاس جا ڪافي ڳوٺ خطري ۾ پئجي ويا آھن،اسمال ڊيم جي اڏاوتي تعميري ڪم ۾ ناقص مٽريل سبب ٽٽڻ جو خطرو اڻٽر هئڻ ڪري ڳوٺاڻا مٿاهين وارن علائقن جبلن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور متاثرين ڳوٺاڻ غلام قادر رستماڻي ، منصور رستماڻي ،يونس رستماڻي ،۽ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا وارن سان رابطو ڪندي ٻڌايو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن دفعي نئن گاج ۽ برساتي پاڻي گهڻو آھي جڏنهن ته ناقص ڊيم جي هلندڙ تعميرات ۽ سست رفتاري سبب ناقص ڊيم سبب ڪافي جاين کان روڻيون پئجي ويون جن کي اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪيو آ ھنن چيو ته سمال ڊيم ۾ ڪرپٽ ٺيڪيدارن پاران مٽي جي ڪم ڪرڻ بجاء ڪاڇي جي مفت وارو ناڪاره بجرو استعمال ڪرڻ سبب ڊيم ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو جنهن سبب يوسي واهي پانڌي جي ڳوٺن جون هزارين جانيون ڊيم ۽ گاج نئن جي پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا جڏنهن ته لڳاتار برساتون پوڻ ڪري ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آھي ٻئي طرف پاڻي ايف پي بند سان ٽڪرائجي منڇر ڏانهن روانو جڏهن ته ايف پي بند تي ڪافي سالن کان ايريگيشن کاتي جي آبپاشي انجنيئر ايس ڊي او ۽ ٻئي ڪرپٽ عملي طرفان مرمتي ڪم نه ڪرائڻ سبب جوهي جي هزارين شھرين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو