ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)اتر سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جون تباهه ڪاريون، سکر ٻڏي ويو،اربن فلڊنگ جي صورتحال،حادثن ۾ 15 ڄڻا فوت،30 زخمي،واهن کي گهارا،فصل تباهه تفصيل موجب بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ بلند ڀٽو ۾ برسات ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت اميران خاتون زال رشيد احمد ڀٽو فوت ٿي وئي جڏهن ته 5 معصوم ٻارڙا زخمي ٿي پيا تيز برسات سبب عورت پنھنجي ٻارن سان گڏ ڪمري ۾ اندر ستل ھئي ته ڪمري جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب 5 ٻارن جي ماء اميران ڀٽو فوت ٿي وئي سندس جا 5 ٻارڙا به زخمي ٿي پيا زخمي ٻارن ۾ 5 سالا نظيران 4 سالا وزيران 3 سالن جو وزير احمد ۽ معصوم رڪيا پُڻ شامل آھن، گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ مسلسل ڏھ ڪلاڪ برسات پوڻ سبب شھر جا روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا جنھن ڪري چوڪن چوراھن تي برساتي پاڻي بيھجي ويو،حياتي پتافي ۾ برسات پوڻ سبب شھر ۾ برساتي پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو،قمبر ۾ لاڳيتو 12 ڪلاڪ برسات پوڻ سبب شهر جا اهم روڊ بس اسٽينڊ روڊ،نصيرآباد روڊ،بروھي محله،مستوئي محله،حسين آباد روڊ سميت هيٺانهان وارن علائقن ۾ ٻه کان ٽي فوٽ پاڻي بيهجي ويو شهر جا اڪثر روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا،ڪنڊيارو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ 34 ڪلاڪن کان مسلسل تيز برسات سبب شهر جا سمورا روڊ رستا ۽ گهٽيون برسات جي پاڻي هيٺ اچي ويون آھن،ڪيترن ئي گهرن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو آھي۔پاڻي هيٺ آيل هنڌن تي ٻن کان ٽن فوٽن تائين برسات جو پاڻي بيهجي ويو آھي،شھر جي وڏي تعلقه اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ،اوپي ڊي ۽ رهائشي ڪالوني سميت ٻين هنڌن تي برسات جو پاڻي بيهجي ويو آھي۔ڪنڊيارو سيپڪو سب ڊويزن گرڊ اسٽيشن جي پاور ڪيبل واري هنڌ برسات جو پاڻي بيهڻ ڪري ڪنڊيارو گرڊ اسٽيشن مان نڪرندڙ سمورن فيڊرن جي بجلي بند ٿي وئي۔شھر جي پبلڪ لائبرري،گورمينٽ بوائز هائي اسڪول،گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول،تاريخي پتمبر هاسٽل ۽ پرائمري اسڪول قربان ٽانوري ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آھي۔ ڳوٺن کي شهر سان ڳنڍيندڙ سمورا روڊ ۽ رستا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن جنهن ڪري ڳوٺن جو شھر سان رابطو ڪٽجي ويو آھي، باقراڻي تعلقي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ڳوٺن ۾ گذريل ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، عوام جون متيون منجھائي ڇڏيون مسلسل جاري برسات ۾ دريا خان ابڙو دولت کوکر پٺاڻ مڏباھو نئين گڏ ۽ باقراڻي خير محمد آريجا ۽ ٻين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ برسات سبب ڪيترائي ڇپرا منهن ڀتيون ۽ گهرن جون ڇتيون ڪري پيون جنهن سبب هڪ ڄڻو فوت، پنج کان وڌيڪ ماڻهو زخمي جڏهن ته برسات سبب بجلي ۽ فون جو نظام درهم برهم آهي ۽ شهري مواصلاتي نظام کان ڪٽيل آهي جڏهن ته شهرين جي زندگي مفلوج ۽ ڪاروبار پڻ سخت متاثر بڻيل آهي باقراڻي ۾ هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب چنجڻي برادريء جو هڪ نوجوان هوٽل مالڪ سخت زخمي هوٽل تي سمهندڙ غريب پورهيت ڪشن شيخ پڻ شديد زخمي ٿي پيو جن کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن برسات سبب ڳوٺ انب شيخ ۾ پورهيت ارباب شيخ جي گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب پورهيت ارباب شيخ فوت ٿي ويو ۽ سندس جو نوجوان پٽ شديد زخمي ٿي پيو،هوڏانهن خيرپور ضلعي اندر برسات تباھي مچائي ڇڏئي 24 ڪلاڪن اندر سڄي ملڪ کان وڌيڪ 169ايم ايم برسات رڪارڊ شھري ٻھراڙيون پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويون ايمرجنسي نافذ سرڪاري اسپتالن پڻ سرڪار جس پول پڌرا ڪري ڇڏيا سول اسپتال جي نئين ٺھيل ايمرجنسي وارڊ جو ڇتيون وھڻ لڳيون خيرپور شھر جو ڪچھري روڊ ،ڪورٽ روڊ مال ٻيا مک چوڪن تي 5 کان 6 فٽ برساتي پاڻي بيھجي ويو انتظاميه پاران روڊ کي تارون ھڻي سيل ڪري ڇڏيو ٻھراڙيءَ واري علائقن پوکيل ترن ۽ ووئڻن جو فصل پڻ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آھي ۽ کجي جو فصل جن ۾ کارڪون ڇوھارا پڻ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن ۽ ختم ٿي ويا آھن جڏھن ته سبزيون ۽ مندائتو فروٽ به تباھ ٿي ويا آھن،ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪوٽڏيجي، ڪوٽبنگلو شھر لياري، حسين آباد ،مٺڙي ،ناروڍورو،ڇوڏاهو،مراد خان گوپانگ ،گوندرڙو، کرڙو سميت شهر جي چوڪ چورائن کان علاوه ڪوٽڏيجي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي تڪ جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي منظر عام تان غائب آهن هوڏانهن نصيرآباد ۾ گذريل رات کان ھلندڙ برسات دوران ڪاٺيا بازار محلي نصيرآباد جي پورھيت وريام سومري جو گھر اوچتو جنهن جي نتيجي م ٻن عورتن مسمات وزيران خاتون.مسمات صاحب خاتون ۽ننڍڙي معصوم صبا سميت ٽي ڄڻا دٻجي زخمي ٿي پيا هوڏانهن پريالوء ڀرسان ڳوٺ کولر عباسي جي رهواسي زبير عباسي جو گهر ڌماڪي سان ڪري پيو جنهن ۾ زبير احمد عباسي سندس ماءُ اميران خاتون ۽ ڀيڻ صبا عباسي گهر ملبي هيٺان دٻجي ويا،برسات سبب ڪچي واري فيض محمد ٻنڊو جي ڳوٺ عبدالرحمن ناريجو، عبدالحفيط ناريجو ۽ پورهيت صدام حسين ناريجو جا گھر ڪري پٽ پئجي ويا.سيوھڻ ۽ ان جي آس پاس گذريل ڏينهن کان برسات جو سلسلو وقفي سان جاري آهي ۽ لڳاتار تيز ۽ ھلڪي برسات جاري رھڻ سبب شھر جي ھيٺانھن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو بجلي سميت ٻيو مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو يوسي جھانگارا مان برساتي جابلو نئيون وھي منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. ڏهرڪي، رهڙڪي ، کروهي، ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ هزارين ايڪڙن تي مشمتل فصل برسات ۽ زمينن ۾ برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ٻڏي ويو آھي ان کان علاوهه برسات سبب ڏهرڪي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن رهڙڪي، کروهي، داد لغاري، سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات سبب ڦٽي جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ سبب اجها ڇڏي بندن تي ويٺل ڪچي جي ٻوڏمتاثرن جا برسات اهنج پڻ ٻيڻا ڪري ڇڏيا سکر ۾ به مون سون جون بارشون جاري آهي ان ڏس ۾ گذريل 20 ڪلاڪن کان برسات جاري هئي جيڪي ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي وئي جنهن بعد شهر ۾ هلڪي بوندا باندي جاري آهي، هوڏانهن برسات سموري شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ هر هنڌ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب ٽرئفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي رهي آهي ان سلسلي ۾ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ هو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايت تي بارش دوران عملي کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تان پاڻي پڻ ڪڍيو ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪم تيزي سان جاري آهي، برسات بند ٿيندي ئي شهر مان پاڻي جلد نيڪال ڪيو ويندو. هوڏانهن ڪمشنر سکر فياض عباسي جو چوڻ هو ته اڄ صبح سکر ۾ 263 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پر اسان جو عملو الرٽ آهي.قاضي احمد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن وقفي وقفي سان ڪڏهن تيز ڪڏهن هلڪي پوندڙ برسات سبب رود، رستا، ٻنا، ٻارا هڪ ٿي ويا فصل کي وڏو نقصان جڏهن ته هيٺانئي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ،پني عاقل ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جاري رهي،هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،ڪنڌڪوٽ ۽ آسپاس ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، جيڪب آباد ضلعي ۾ 48 ڪلاڪن کان برسات جو سلسلو جاري اهي،ڳڙهي خيرو ويجهو واهه ۾ 70 فوٽ گهارو پئجي ويو، ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي شهرن ڪريم بخش کوسو دوڙ دينگڙهه مانجهيپور سميت آسپاس شهرن۾ وقفي وقفي سان تيز برسات پوڻ سبب شهرن ۾ گوڏي تي پاڻي بيهجي ويو برسات سبب بجلي بحال نه ٿي سگهي گذريل 36 ڪلاڪن کان بجلي بند سبب رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا، لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني م گھر سامهون گهٽي ۾ برسات جو پاڻي بيهڻ سبب 7 ورهين جو نينگر جواد پٽ جاويد علي چانڊيو ٻڏي بيهوش ٿي ويو جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل جتي فوت ٿي ويو،نئون ديرو شهر ۾ 36 ڪلاڪن کان پيل برسات دوران شهر جي مختلف روڊن الله واري چوڪ، صدر چوڪ، پنج گلي چوڪ، باب ذوالفقار چوڪ، جڳ چوڪ، نئون ديرو هائوس روڊ، ٿاڻو روڊ شاهي بازار، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو روڊ سميت شهر جي بلاول ڪالوني، بينظير ڪالوني، مهدي شاھ ڪالوني، جوڳي محلا، غريب آباد پاڙي سميت سمورن هيٺانهينءَ وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي تلائن جو ڏيک ڏئي رهيو هو ٻئي پاسي تعلقي ڳڙھي خيرو ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي, دوداپور جي منگي محلا ۾ گھر جي ڇت ڪِرڻ سبب 30 ورھين جو مکڻون منگي ۽ سندس پيرسن امڙ ميھر خاتون منگي دٻجي فوت ٿي ويا جڏھن ته ھڪ ڄڻون صدر الدين منگي شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻئي طرف دوداپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن پنھون ڀٽي ميرانپور محمد پور حسين آباد وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال بڻجي ويو گذريل 40 ڪلاڪن کان جاري برسات سبب ڳوٺ سڄڻ ملغاڻي قابل ڪٽوهر حاجي خان ڪٽوهر رسول آباد ڀٽو بشام ڪٽوھر حاتم کوسو سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا مختلف علائقا ۽ ڳوٺ ٻڏي وڃڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ساريالو فصل مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويو .