اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ڦاٿل ملڪ رياض هن ڀيري به بچي ويندو؟

اسلام آباد(عمر چيما)عمران خان جو ساٿ ڏيندڙ بزنيس ٽائيڪون ۽ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جو ڇا ٿيندو؟ صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هن جا گهڻا سپورٽر آهن، ڇا اهي کيس ريسڪيو ڪندا؟ محسن نقوي جا آرمي چيف سان سٺا لاڳاپا آهن، اهو تعلق به ملڪ رياض جي کل بچائي سگهي ٿو؟ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ هن کي غيرحاضري ۾ سزا اچي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪراچي ۾ زمينن تي قبضن واري ڪيس ۾ ملڪ رياض تي سپريم ڪورٽ 460 ارب رپين جو ڏنڊ مڙهيو هو ملڪ رياض ان جون اڃا تائين قسطون ادا نه ڪيون آهن، عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهين ۾ مطالبو ڪيو آهي ته ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ملڪ رياض کي عدالت ڇو نٿي طلب ڪري، ذريعن موجب نيب 460 ارب رپين ڪيس ۾ هڪ ريفرنس تيار ڪري ويٺي آهي،فوج ۾ ملڪ رياض جا وڏي سطح تي سپورٽر نه رهيا آهن، اقتداري ايوانن ۾ ملڪ رياض جا حمايتي اڃا به موجود آهن، جن جا اسٽيبلشمينٽ سان ويجها لاڳاپا آهن سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هن ڀيري به ملڪ رياض بچي ويندو؟

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 19 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.