اسلام آباد (م ڊ) واپار واري اڳوڻي وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته جولاءِ ۾ بجلي جي لاڳت 9 رپيا في يونٽ رهي ته بل ڪيئن 40، 60 يا 80 رپيا في يونٽ تائين پهچي رهيا آهن. سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هن لکيو ته جولاءِ لاءِ ٻارڻ جو اگهه 9.03 رپيا في يونٽ رهيو جڏهن ته جولاءِ ۾ سراسري پيداوار 20 ميگاواٽ هئي جنهن مان 35 سيڪڙو (يا 7 هزار ميگاواٽ) هائيڊل ذريعن مان آئي. هن چيو ته پاڪستان وٽ 43 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي پر بنيادي مسئلو بجلي جي شعبي جي مجموعي بدانتظامي سان گڏوگڏ پيدا نه ٿيندڙ توانائي لاءِ ڪيپيسٽي چارجز جي ادائيگي آهي جنهن سان رهائشي، واپاري، صنعتي ۽ زرعي واهپيدار متاثر ٿي رهيا آهن.