ننگرپارڪر (رپورٽ: غازي بجير) ڪارونجهر خاطر جهيڙو آ جي نعرن سان ننگرپارڪر گونجي اُٿيو، ڌرتي ڌڻي محبوب جبل جي ڪٽائي خلافروڊن تي نڪري آيا، مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ جي تهذيبي ۽ فطرتي ورثي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ کارسر جي نيلامي خلاف يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌو نواز گھانگھرو جي اڳواڻي ۾ پنهل ساريو، حمز علي چانڊيو، نواز شاهه ٻاڏائي، امير حسن پنهور، وسند ٿري، نواز خان زئور، الهه رکيو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ننگرپارڪر ۾ 3 ڪلاڪ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪارونجهر جي ڪٽائي کي مڪمل رد ڪريون ٿا. ڪارونجھر ۽ کارسر جبل جي ڪٽائي خلاف سنڌ ۾ شروع ٿيل تحريڪ ڪاميابي تائين جاري رهندي. ڪارونجهر جبل ۽ ان جو سمورو پهاڙي سلسلو ڪن فيڪون کان اسانجو تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جبل رڳو پٿرن جو ڍير ناهي تاريخي ماڳ آهي ڪارونجهر دفاعي مورچو آهي. جبل ڪٽجڻ سان رڻ زمين کي تباھ ڪري ڇڏيندو جر جو پاڻي پارڪر جي علائقن ۾ نه هجڻ برابر آهي هر سال ڪڙوڙين روپين جو بصر جي پيداوار ٿئي ٿي مقامي ماڻھو جي روز جو ذريعو پهاڙي سلسلو آهي سنڌ حڪومت سموري سنڌ جون ٻيلا ٻيٽ زمينون وڪڻي هاڻي ڪارونجهر جي پٺيان پئجي وئي آهي. سنڌ حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻو پوندو. ڪارونجهر جي سلسلي جي سمورين ٽڪرين کي فوري طور ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ڪراچي ۾ سي ايم هائوس جو گهيراءُ ۽ وزيرن جي گهرن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.