اڊيالاجيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي هڪ عورت پڪڙايو

اسلام آباد(عمر چيما) اڊيالا جيل جي ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم ۽ جنرل فيض حميد جي رابطن جو راز هڪ عورت پڪڙيو،ذريعن موجب محمد اڪرم جي جاسوسي لاءِ هڪ عورت کي ڊيوٽي  ڏني وئي هئي جنهن جي ذريعي انڪشاف ٿيو ته محمد اڪرم جنرل فيض جي چوڻ تي جيل ۾ عمران خان لاءِ سهولت ڪاري جو ڪردار ادا ڪندو هو،محمد اڪرم جي گرفتاري خلاف وارثن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي،

  • عمران خان جيل ۾ اداس،ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سان جهيڙو

اسلام آباد(اعزاز سيد)اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم جي بدلي ۽ بعد ۾ سندس گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل ۾ اداس ٿي ويو، هن وقت نعيم اختر پنجوٿا کي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي،گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪڻ تي عمران خان جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سان جهيڙو ٿي پيو، عمران خان ٻيهر موقعي پرستي ڪندي فيض حميد کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي ان سان گڏ اهو به چيو ته فيض حميد ملڪ جو اثاثو آهي،هن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي لنڊن پلان جو حصو قرار ڏنو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.