پوليو بچاءَ جا ڦڙا نه پياريندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي کي پوليو خلاف مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي جيڪو هڪ ٻار جي سموري زندگي تباهه ڪري ٿو. هن چيو ته پوليو  خلاف مهم ۾ والدين ۽ سرپرست مڪمل سهڪار ڪن، پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جي ڪا گنجائش ناهي، پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪرڻ تي سرپرست ۽ والدين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.