ڪارونجھر، کارسر جي ڪٽائي ۽ زمينن جي نيلامي بند ڪريو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ۾ عورت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جون عورتون پٿر جي دور جي قبائلي نظام ۾ زندگي گذاري رهيون آهن، چونڊون ۽ مردم شماري جعلي ۽ فراڊ هئي، سنڌ سان دوکو ڪيو ويو، ڪارو ڪاري، جبري شادي، بدو ۽ ٻارن جون شاديون  زهر قاتل آهن، اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ  سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو، سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات کي بيدردي سان لٽيو پيو وڃي.ڪالهه حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورت ڪانفرنس ٿي، جنھن جي صدارت مرڪزي صدر زينت سمون ڪئي، جڏھن ته قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا غير محفوظ آهن. ماڻهو چنڊ ۽ مريخ تي پهچي ويا آهن، اسان قبيلائي جھيڙن ۽ عورتن تي ظلم ڪرڻ ۾ مصروف آهيون. حڪومت، پيرن ۽ سردارن سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو ته فاطمه ڦرڙو، پريا ڪماري، جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جي معاملن ۾ بااثر ڌريون شامل آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌياڻي تحريڪ ڪانفرنس ظلمن جي حبس ۾ تازي هوا جو جھوٽو آهي. عورتن ۽ اقليتن جي تحفظ ۽ برابري ذريعي پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو آهي. سنڌ ۾ بدامني، اغوا ۽ ڦر جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي ڳڻتي آهي. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ دشمني آهي. سنڌ تباهه ٿي رهي آهي، پارليامينٽ، عدالتون ۽ ميڊيا پنهنجي لاتعلقي ختم ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ذهني مريض بڻجي ويا آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪمران سنڌ جي عوام جو استحصال بند ڪن. سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو ته سنڌ کي عورتن لاءِ مقتل گاھ بنايو ويو آھي. تعليم، صحت سميت بنيادي انساني حقن کان محروم آھن. پ پ حڪومت سنڌ جي عورتن کي ترقي بدران فقير بنائڻ چاھي ٿي. پريا ڪماري ۽ فضيلا سرڪي جي اغواڪارن کي پ پ حڪومت تحفظ ڏنو آھي. نصرت خاصخيلي چيو ته عورتن کي غلام ۽ ملڪيت سمجھندڙ قومون ھميشه غلام رھن ٿيون. عورت ڪمزور نه پر سماج ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي، سنڌ ۾ عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي.گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعه پليجو خطاب ڪندي چيو ته نياڻين کي اعلي تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون. حڪمران چاھين ٿا ته سنڌ ۾ جھالت ھجي، نياڻيون تعليم حاصل نه ڪن، انڪم سپورٽ جي نالي ۾ عورتن کي پنايو وڃي پيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ناھيد جوڳي چيو ته سنڌ ۾ جرڳائي نظام ذريعي عورتن ۽ ڪمزور ماڻھن سان بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. عورت ڪانفرنس ۾ شاھ عبداللطيف جون سورميون عظيم آھن يا سورمو جي عنوان سان تقريري مقابلو ٿيو، جنھن ۾ پھرين پوزيشن، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙن کي اياز لطيف پليجي شيلڊ ڏني. جڏھن ته مائيد جندو، عورتن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ شھناز شيخ، فرحانه سولنگي کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.ڪانفرنس ۾ قراردادون منظور ڪيون ويون ته عورتن کي معاشري ۾ برابر مقام ڏنو وڃي ۽ کين بنيادي حق واپس ڏنا وڃن، سنڌ ۾ قبيلائي، سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو نظام عورتن ۽ مردن تي ظلم ۽ ناانصافيءَ جو ذريعو بڻيل آھي، سنڌو درياھ مٿان 6 نوان ڌاڙيل ڪئنال رد ڪيا وڃن، سنڌ کي 91 ٺاھ تحت پاڻي ڏنو وڃي، ڪارونجھر ۽ کارسر سنڌ جي عظيم تھذيب جو حصو آھن، انھن جي ڪٽائي يا نيلامي بند ڪئي وڃي.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن، سنڌ جي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جو آھي. سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ، بجلي ۽ گئس سنڌ جي ڏنو وڃي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ بند ڪيو وڃي ۽ کين مالڪاڻا حق ڏئي پڪو ڪيو وڃي، ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي ھٽائي انھن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڪارو ڪاري، سڱ چٽي ۽ زبردستيءَ جي شادين کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ۽ ٻيا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.