رپورٽن موجب ڪراچي ۾ ٽيون ڏينهن شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد جي امڙ مسمات پٺاڻي ۽ شهيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي امڙ پٺاڻيءَ ٻڌايو ته عدالت ۾ قتل ڪيس هلڻ دوران جوابدار ڌر سوين ماڻهو گڏ وٺي اچي ٿي جيڪي اسان کي هراسان ڪن ٿا. شهيد جي ڪيس ۾ جيڪي ماڻهو اسان جي حمايت ڪن ٿا انهن خلاف ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڪوڙا ڪيس داخل ڪن ٿا. هن انڪشاف ڪيو ته منهنجي پٽ محمد بخش جي ميرپور ماٿيلو مان موٽر سائيڪل ڪاهي ويا آهن ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏين ٿا. عدالت وڃون ٿا ته رستا روڪ ڪن ٿا جنهن سبب عدالت پهچڻ ۾ دير به ٿئي ٿي ۽ تڪليف به رسي ٿي پر پولس انهن سان ٻڌل آهي اسان جي حامين جي گهرن تي چڙهائي ڪئي وڃي ٿي پر جوابدار ڌر جي گهرن تي هڪ به چڙهائي نه ٿي آهي هن چيو ته قاتل ڀلي ڪيترو به اسان کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر اسان پوئتي نه هٽنداسين جيستائين شهيد جي قاتلن کي سزا نه ٿي ملي تيستائين جدوجهد جاري رهندي. شهد نصرالله جي امڙ ۽ ڀاءُ ان موقعي تي جوابدارن جي ونگار وهندڙ ايس ايس پي ۽ ايس اڇ او خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو جيڪڏهن سندن اهو مطالبو نه مڃيو ويو ته جلد ڪراچي ۾ سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.
عوامي آواز جي ميرپور ماٿيلي جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي ۽ شهيد جي ڀاءُ اهڙي شڪايت پهريون به ڪري چڪا آهن ته عدالتي پيشين ۾ اچڻ تي جوابدار ڌر رنڊڪون پيدا ڪري رهي آهي. کين ڌمڪائي ۽ هيسائي به رهيا آهن تنهن تي اسان هڪ ايڊيٽوريل ۾ سڌو سنئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مخاطب ٿي چيو هو ته مقتول ڌر کي خاص ڪري اهڙي وقت ۾ سخت سيڪيورٽي ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن سندن عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هجي، قاتل به پڌرا ٿيل هجي ۽ اهي مقتول ڌر کي ڌمڪيون به ڏئي رهيا هجن ايئن اسان عدالتن جي جي ججن کي به گذارش ڪئي هئي ته متاثر ڌر جي عدالتي پيشين تي جيڪا رستا روڪ ٿي رهي آهي تنهن جو سخت نوٽيس ورتو وڃي پر افسوس ته ان ڏس ۾ بقول امان پٺاڻي جي بيان موجب ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويو ۽ صورت حال ساڳي آهي .
اها ڪيڏي نه حيرت ۽ مذمت جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ صحافي قتل ٿيو آهي جنهن جي ايف آءِ آر سندس ڪراڙي امڙ داخل ڪرائي آهي تنهن سان پوليس ۽ مقامي انتظاميا کي جيڪو آئيني، قانوني، ۽ اخلاقي ساٿ ڏيڻ گهرجي سو ته نه ٿو مهيا ڪيو وڃي الٽو قاتل ڌر جي ونگار وهي پئي وڃي ۽ سندن هر قسم جي غير آئيني غيرقانوني ۽ غير اخلاقي مدد ڪئي پئي وڃي جيڪو شرم ناڪ عمل آهي اها به حقيقت آهي ته ڏوهارين ۽ قاتلن جي اهڙي سرپرستي پنهنجي ئي ملڪ ۾ سرعام ٿيندي ڏني ويندي آهي ۽ ان انياء جي نشاندهي ڪرڻ باوجود حڪومت ڪو نوٽيس ناهي وٺندي اهڙو ا انياء شهيد نصرالله جي ورثن سان به ٿي رهيو آهي
پر سلام آهي شهيد نصرالله جي ٻڍي امڙ کي جنهن جو اندر ته جوان پٽ جي بي وقتي موت تي جهريل ۽ ختم ٿيل آهي پر هوءَ صرف پنهنجي پٽ جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ زنده آهي. تنهن ڪري هوءَ ثابت قدم به آهي ته ائموٽ به آهي ۽ ان پنهنجي شهيد پٽ سان وچن ڪري رکيو آحي ته هوءَ سندس قاتلن کي انجام تي رسائي ئي دم ڏيندي پوءِ ئي ساڻس روحاني طور اچي ملندي. ان هڪ مقصد جي ڪري ئي هو جي رهي آحي ۽ ان پنهنجي صدمي کي طاقت ۾ بدلائي ڇڏيو آحي. هوءَ عمر جي حساب سان برابر جهوني آحي پر پٽ جي قاتلن کان آئيني ۽ قانوني طور بدلو وٺڻ وارو سندس جذبو جوان ۽ پختو آحي جنهن سان بزدل قسم جا قاتل ڪنهن ريت به مقابلو ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.
جيتوڻيڪ کين مقامي پوليس جي حمايت به آهي پر شهيد جي امڙ ان وچن تي قائم ۽ دائم آهي ۽ کيس پاڻ تي پختو يقين آهي ته هوءَ قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رکندي ۽ ان مقصد کان کيس ڪا طاقت نه روڪي سگهي ٿي ۽ نه ئي جهڪائي سگهي ٿي.
ڪاش مائي پٺاڻي واري سوچ ۽ عزم اسان جي حڪومت پوليس ۽ عدالتن ۾ به هجي ۽ اهي به ايئن ئي پنهنجي پنهنجي منصب سان جيڪر وچن ڪن ته سنڌ جهڙي مقدس ۽ تاريخي ڌرتيءَ تي ڪو ڏوهه ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن قاتل کي بخش ڪنداسين، آئين ۽ قانون جي بالادستي جو اهڙو ماحول قائم ڪبو جنهن ۾ ڪير به قاتل سزا کان بچي نه سگهندو ۽ ان نتيجي ۾ ڪنهن به ڏوهاري ۾ اها همت نه ٿيندي جو اهو ڪنهن ڏوهه يا قتل جو تصور ڪري سگهندو. جيڪڏهن ڪو هڪ فرد ڏوهارين ۽ قاتلن آڏو بي هٿيار هوندي اڏول ٿي بيهي سگهي ٿو ته ادارا جن کي حڪومتي وسيلا، بجيٽون ۽ هٿيار آهن سي به ڏوهارين آڏو چٽان بڻجي بيهي سگهن ٿا پر افسوس ته سندن ڪردار واري تاريخي طور ڏوهارين جي سرپرستي وارو رهيو آهي جنهن ڪري اهو کاتو پنهنجي عوام دوستي واري ساک قائم نه ڪري سگهيو آهي.
پر هاڻي ميڊيا جي هن جديد دور ۾ حڪومتن ، پوليس توڙين عدالتن طرفانسڌي يا اڻ سڌي نموني ڏوهارين ۽ قاتلن جي سرپرستي نه هلي سگهندي. هاڻي هڪ هڪ باشعور ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ موبائل آهي سو پاڻمرادو سوشل ميڊيا جو نمائندو بڻجي چُڪو آهي ۽ ان سوشل ميڊيا آڏو هاڻي حڪومتن ۽ پوليس جي ڏوهارين ۽ قاتلن کي ملندڙ سرپرستي ڦٻي نه سگهندي. تنهن ڪري وقت اچي ويو آهي ته حڪومت ۽ پوليس عوام دوست پڻجي ڏوهارين لاءِ سنڌکي نوگو ايريا بڻائي ڏيکارين.