ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا پريرنا ٺاڪر ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر طرفان ماڊلنگ لاءِ ساڻس رات گذارڻ جي آڇ جي چيٽ ليڪ ڪري ڇڏي.
ڀارت جي ڪيئي اداڪارائن پروڊيوسرز ۽ هدايتڪارن طرفان ڪم عيوض جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي آڇ جو انڪشاف ڪري چڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي ان معاملي تي تفصيلي ڳالهايو آهي.
ويجهڙائي ۾ اداڪار ايشا گُپتا به انڪشاف ڪيو هو ته کيس جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ کان انڪار تي هڪ فلم مان نيڪالي ڏني وئي هئي.
هڪ ڀيرو وري ڀارتي اداڪارا پريرنا ٺاڪر ڪاسٽنگ ڪائوچ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي.
اداڪارا جي ساٿي اداڪار موهت پرمار ٻڌايو ته پريرنا سندس دوست آهي ۽ هن ميسج ڪري پاڻ سان پيش آيل واقعي جا تفصيل ٻڌايا آهن.
موهت چيو ته باندرا ۾ هڪ شوٽ لاءِ اداڪارا سان رابطو ڪيو ويو ۽ شوٽ لاءِ کيس چاليهه هزار ڀارتي رپيا معاوضو ڏيڻ جي آڇ ٿي هئي.
هن چيو ته اداڪارا اسڪاءِ لائين اسپري پروڊڪشن جي ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر کي ميسج ڪري پنهنجي ڪردار بابت پڇيو جنهن تي ڊائريڪٽر جواب ڏنو ته اِهو هڪ ” ڪمپرومائز ڪم “ آهي ۽ ان لاءِ هن کي ساڻس گڏ هڪ رات گذارڻي پوندي.
ان ٻڌايو ته اداڪارا اهڙي آڇ رد ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر اداڪارا کي ڪم نه ملڻ ۽ ڪيريئر ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.
ان کانپوءِ اداڪارا ڪاسٽنگ ڊائريڪٽري جي چيٽ انسٽاگرام تي ليڪ ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته اداڪارا ۽ ماڊل پريرنا ٺاڪر ڪيئي ڀارتي ڊارمن ۽ ويب سيريز ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
You might also like