چين:منڪي پاڪس جي رنڊ روڪ لاءِ احتياطي اپاءَ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين منڪي پاڪس کي روڪڻ لاءِ حفاظتي اپائن جو اعلان ڪيو آهي.
چيني ڪسٽم انتظاميه موجب ايندڙ 6 مهينن تائين ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ مسافرن ۽ سامان جي نگراني ڪئي ويندي، متاثر شخص جي ويجهو رهندڙ ماڻهو مرض جون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ڪسٽم انتظاميه کي اطلاع ڏيندا.
چين جي ڪسٽم انتظاميه جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن مان ايندڙ گاڏين، ڪنٽينرز ۽ ٻيو سامان سينيٽائز ڪيو ويندو.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن منڪي پاڪس جي پکيڙ تي عالمي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.