ڪي اليڪٽرڪ بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙي، جماعت اسلامي عدالت پهچي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.
درخواست جماعت اسلامي پبلڪ ايڊ ڪميٽي جي صدر سيف الدين ايڊووڪيٽ داخل ڪئي آهي.
درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ميئر ڪراچي طرفان وصول ڪيل ميونسپل ٽيڪس کي غير قانوني قرار ڏئي ميئر ڪراچي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ معاهدو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
عدالت درخواست تي ٻڌڻي ۽ ڪارروائي لاءِ ميئر ڪراچي ۽ ٻين ڌرين کي 27 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جماعت اسلامي جي درخواست ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت، ميئر ڪراچي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي ڌر بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.