عدليا وقت سر ۽ درست فيصلا ڪري ها ته 9 مئي واقعا نه ٿين ها: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملن جا ڪيس سردخاني ۾ رکيا ويا، جيڪڏهن عدليه بروقت ۽ درست فيصلا ڪري ها ته 9 مئي جا واقعا پيش نه اچن ها.
پنهنجي بيان ۾ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ انصاف جي نالي تي ناانصافي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ادارن کي ڦرلٽ جي ڇوٽ ڏني وئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي دور ۾ ڪنهن جي به عزت محفوظ نه هئي ۽ نه ئي ڪاروبار محفوظ هو، پي ٽي آءِ جي باني جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ قانون جي ڀڃڪڙين جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته اقتدار جي غرور ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو احتساب ضروري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته رياستي طاقت کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جو حوصلو ٽوڙڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.