اسٽينڊنگ ڪاميٽي اجلاس: پي ٽي آءِ ايم اين اي عورت جي لباس تي اعتراض اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اقبال آفريدي عورت جي لباس تي اعتراض اٿاري ڇڏيا.
قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اقبال آفريدي عورت جي لباس تي اعتراض اٿاريو. ڪميٽي جي چيئرمين محمد ادريس قومي اسيمبلي جي ميمبر جي رويي تي عورت کان معافي ورتي.
قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بريفنگ کانپوءِ عورت جڏهن ڪميٽي روم مان نڪري وئي ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر چيئرمين ڪميٽي کي مخاطب ڪندي چيو ته عورت جو لباس اعتراض جوڳو آهي، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ لباس جي حوالي سان ايس او پيز هجڻ گهرجن.
قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن محمد اقبال آفريدي جي رويي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان تي افسوس جو اظهار ڪيو.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اقبال آفريدي چيو ته جيڪڏهن مهذب معاشري ۾ اهڙا ماڻهو اچن ته ٻار ڇا چوندا؟ هتي اسيمبليءَ جي هڪ عورت ميمبر به ويٺي هئي، توهان ان جو لباس ڏٺو، هتي ڊرامن جا سين ناهن هوندا جيڪي معاشرو ڏسي.
هن چيو ته هي جيڪا عورت آئي هئي، ان سان سسٽم، معاشرو يا نظام خراب ٿيڻ جو انديشو آهي، مان ڪنهن بابت نه چوندس پر لباس ٺيڪ نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.