ڪراچي (رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ عورت جي لباس تي اقبال آفريدي جي تنقيد تي سنڌ حڪومت جي ترجمان ارسلان اسلام شيخ جو رد عمل سامهون اچي ويو.
بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ آهي ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي مڪمل آزادي آهي، عورت جي لباس تي اعتراض واري ڪا به ڳالهه ناهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته اقبال آفريدي جو اعتراض سمجهه کان ٻاهر آهي، اقبال آفريدي پنهنجي نظرن جو خيال رکي. هن وڌيڪ چيو ته اقبال آفريدي کي پنهنجي عمل تي عورت کان معافي گهرڻ گهرجي.
You might also like