پي ٽي آءِ ۾ جيڪو ڪرپشن کي وائکو ڪندو هٽايو ويندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي وزير شڪيل خان کي هٽائڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شڪيل خان ڪرپشن کي وائکو ڪيو، ان ڪري کيس ڪابينا مان ڪڍيو ويو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف ۾ جيڪو به ڪرپشن خلاف آواز اٿاريندو ان کي ان ئي انجام کي منهن ڏيڻو پوندو.
سندس چوڻ آهي ته هن سمري تي صحيح ڪري آئيني ۽ قانوني گهرج پوري ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان سمري ملي هئي، ڪالهه اسلام آباد ۾ هيس، واپس ايندي ئي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.