لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اعلان ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت هڪ کان پنج سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ في يونٽ 14 رپيا بجلي سستي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اِهو رليف صوبي جي عوام کي ڏنو ويندو.
نون ليگ صدر نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عوام مهانگائي ۽ بجلي جي بلن سبب هڪ ڪرڀ مان گذري رهيو آهي.
سندس چوڻ هوته 21 آڪٽوبر واري تقرير ۾ به بجلي اگهن ۾ واڌ جي نشاندهي ڪئي هئي، 2017 ۾ بجلي جا بل گهٽ ايندا هئا، ماڻهوسک سان زندگي گهاري رهيا هئا.
هن چيو ته سندس حڪومتي دور ۾ سبزيون في ڪلو ڏهه رپين ۾ ملنديون هيون، اسان ڊالر کي چئن سالن تائين 104 رپين جي سطح تي برقرار رکيو هو، ڪجهه ججن پٽ کان ڏهه هزار درهم پگهار نه وٺڻ تان مون کي ڪڍيو ويو، مان اڄ به اِهو پڇي رهيو آهيان مون کي ڇو ڪڍيو ويو ؟ مون کي نيڪالي ڏيندڙن ملڪ سان ظلم ۽ هڪ ڏوهه ڪيو هو.
نواز شريف چيو ته مهانگائي جا ذميوار هو ناهن، پي ٽي آءِ باني جي دور کان اِهو ڪم شروع ٿيو، اسان ته آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي ڇڏيو هو، ٻيهر آڻڻ وارو ڪير آهن؟ ذميوار اهو آهي جيڪو اڄ جيل ۾ ويهي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
پنج سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ في يونٽ 14 رپيا لاٿ جو اعلان
You might also like