اقبال آفريدي عورتن جي لباس بابت بيان تي معافي وٺي: شيري رحمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان قومي اسيمبلي جي ميمبر اقبال آفريدي جي عورتن جي لباس بابت بيان جي مذمت ڪئي آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ۾ شيري رحمان چيو ته اقبال آفريدي کي پنهنجي رويي تي معافي وٺڻ گهرجي، سندس رويو مذمت جوڳو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي ايم اين اي کان معافي وٺرائڻ گهرجي، ڪنهن کي به عورت جي لباس تي تبصرو ڪرڻ جو حق ناهي.
پ پ سينيٽر اهو به چيو ته پدرشاهي سماج نه ٺاهيو، توهان کي ڪنهن لباس جي پوليس بڻائي ڇڏيو آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.