اسان جي ملڪ اندر اظهار جي آزادي ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ ڪجو مادو جيڪڏهن چئجي ته ختم ٿي ويو آهي ته غلط نه هوندو. اصل ۾ ڪجهه شيون جيڪر وڌندڙ عمر ۽ وقت کان سکجن پر اها به حقيقت آهي ته سکڻ ۽ سمجهڻ جو معاملو به سکڻ ۽ سمجهڻ جي ارادي ۽ ڪوشش تي مدار رکي ٿو.
ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جن سان باوجود ان جي ته روز واسطو پوندو آهي پر انهن شئين کي ڪيئن منهن ڏجي تنهن تي هڪ ڀيرو چڱي طرح پاڻ سوچيندا ناهيون ۽ نه ئي ان ڏس ۾ ڪا پاليسي يا حڪمت عملي طئي ڪندا آهيون. مثال طور اسان ان ڳالهه تي ڇو نه سو چيو آهي ته دنيا اندر اسان کي هر قسم جو ماڻهو، هر قسم جي سوچ ۽ هر قسم جو نظريو نظر ايندو، مد مقابل ٿيندو، ڳالهائيندو، بحث مباحثو ڪندو، سوال پڇندو، تنقيد ڪندو ۽ مخالفت به ڪندو تنهن ڪري ان ماڻهو، ان سوچ، ان نظريي، تنقيد ۽ مخالفت کي منهن ڏيڻ بابت سوچڻ گهرجي. ان قسم جي صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي اڳواٽ اها تياري ڪرڻ گهرجي ته دنيا اندر اوهان کي جيڪو هر قسم جو ماڻهو ملي ان آڏو اوهان کي بس پنهنجو موقف ۽ ڪردار رکڻو آهي. اهو ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ئي ڪافي آهي. جهيڙي ڪرڻ، بائيڪاٽ ڪرڻ، وڙهڻ، تعلقات خراب ڪرڻ ۽ مخالفت کي دشمني سمجهڻ درست ناهي. هر ڪو پنهنجو وڙ ڏيکاريندو آهي، اوهان کي به پنهنجو وڙ ڏيکارڻ گهرجي. ضروري ناهي ته جهڙي غير مهذب ٻولي ۾ اڳلو ماڻهو ڳالهائي ته اوهان به ان ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏيو. اوهان وٽ مهذب ۽ شائسته قسم جو موقف، دليل ۽ ڪردار آهي ته اوهان اهو ان آڏو رکو.ٻئي پاسي ماڻهن کي تنقيد ۽ تذليل جو فرق سمجهڻ گهرجي ۽ تنقيد جي اصولن ۽ ۽ آدابن کي به پرائڻ جي ضرورت آهي تنقيد جي اصولن ۽ آدابن کي سمجهڻ بنا ڪنهن تي اصولي طور تنقيد به نه ڪرڻ گهرجي تذليل تنقيد ئي بدنظمي پيدا ڪندي آهي. تنقيد کي هڪ ٻئي انداز سان به سمجهي سگهجي ٿو. مثال طور تنقيد ۾ اسان کي اصلاحي پاسو ملي ته ان کي فراخ دلي سان قبول ڪيون ۽ جنهن تنقيد کي غير صحتمند سمجهون تنهن کي ڀلي نظرانداز ڪيون. سو ڪير اوهان جو جائز يا ناجائز نموني جائزو ٿو وٺي ته ان تي ارهو نه ٿيڻ گهرجي اڃان به شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ته ان اوهان متعلق سوچڻ جو وقت ڪڍيو آهي.
ايئن جيڪي سياستدان، سماجي اڳواڻ يا ٽاڪ شوز ۾ شريڪ ٿين ٿا تن کي ڪنهن به ماڻهو يا مخالف کان ڪنهن به قسم جو سوال جي توقع ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي وڃڻ گهرجي پر لڳندو ايئن آهي ته ڪير به ان پاسي ناهي سوچيندو ۽ پوءِ ان موقعي تي آپي کان ٻاهر ٿي ويندا آهن جڏهن ته انهن کي سوچڻ گهرجي ته اهي عوام جي نمائندگي ڪن ٿا پنهنجن شعبن جا نمائندا آهن کين پنهنجي ورتاءُ سان ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ گهرجي ته اظهار جي آزادي جو هئين قدر ڪبو آهي ۽ ڪنهن جي اظهار خيال ۽ موقف کي ان جو جمهوري حق سمجهي تحمل سان ان کي برداشت ڪيو پر ڏٺو اهو ويو آهي ته ملڪن جي سربراهن، حڪمرانن ۾ به مخالف موقف ٻڌڻ، ان کي برداشت ڪرڻ ۽ اظهار جي آزادي جو تصور نٿو ملي ته پوءِ عام ماڻهن مان ڪيئن توقع ڪبي ته اهي مخالف نقطئه نظر کي اظهار جي آزادي طور قبول ڪن ۽ تنقيد به ڪن ته تنقيد جي آدابن جي دائرن اندر رهي ڪن. پارليامينٽ اندر به اختلافي موقف کي برداشت ڪرڻ جو مثال ناهي ملندو.
حڪمرانن ۽ مخالف ڌر جو رويو به ان معيار جي لحاظ کان غير جمهوري ۽ بداخلاقي وارو نظر ايندو. حڪمرانن تي سندن حڪومتن يا پاليسين تي تنقيد ڪبي ته چوندا ته حڪومت دشمن آهن، ملڪ دشمن آهن، غدار آهن. جڏهن ته ساڳيا حڪمران جڏهن مخالف ڌر ۾ هوندا آهن ته اونئن ئي ان وقت جي حڪمرانن تي تنقيد ڪندا آهن جيڪي پهريون مخالف ڌر ۾ هيا. سو جمهوريت جي روح جي تقاضا اها آهي ته مخالفن جي تنقيد جي روشني ۾ حڪومت ڪجي ۽ سندن تنقيد جو فراخ دلي سان احترام ڪجي، کين توڙي عوام کي محسوس ڪرائجي ته ڏسو اسان حڪومت واررا ڪيئن ٿا مخالفن جو احترام ڪريون ۽ تنقيد برداشت ڪيون اوهان به ايئن ڪيو يا عوام لاءِ ان حوالي سان رول ماڊل بڻجي ڏيکارين.
سو تنقيد ۽ مخالف نقطئه نظر کي ٻڌڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻ گهرجي. مخالفن جي راءِ کي ملڪ دشمني ۽ غداري جي لقبن سان نوازڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. مخالفن جي تنقيد مان اصلاحي پاسا ڳولهڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪنهن ننڍي صوبي کي وفاق سان ڪا شڪايت آهي ته ان کي احترام سان ٻڌڻ گهرجي ۽ جمهوري روح پٽاندڙ ان کي اظهار جي آزادي جو حق قرار ڏئي برداشت ڪرڻ گهرجي ايئن نه ته حڪومتن ۽ ان جي پاليسين جي تنقيد کي ملڪ دشمن ڪوٺي انهن خلاف انتقامي، غير آيئني ۽ عدالتن کان مٿانهيون ڪارروايون ڪيون وڃن پر افسوس ته سان وٽ اهڙو ئي غير جمهوري رويو آهي جيڪو عام ماڻهن کان وٺي حڪومتن ۽ رياستن تائين قائم آهي جنهن ڪري ملڪ اندر حقيقي جمهوري نظام قائم نه ٿي سگهيو آهي.