ٿرڪول بلاڪ ون تي کوٽائي بعد ظاهر ٿيندڙ نقصانن تي ضابطو ڪير آڻيندو

تحرير: غازي بجير

ٿرڪول بلاڪ ون تي اوپن پِٽ کوٽائي ذريعي ڪوئلو ڪڍڻ وارو ڪم تيزي سان جاري آهي،هن وقت تائين کوٽائي واري مرحلو اڳيئن کان وڌائي ٻيڻو ڪيو ويو آهي،بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ بعد چالو ٿيل پاور پلانٽ،کوٽائي واري کاڻ سميت ڇڏيل گندي پاڻي ڳوٺ وروائي،تلوايو سميت آسپاس رهندڙن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن،ڪوئلي جي کوٽائي واري کاڻ کي وڌائي ڊبل ڪرڻ سبب ڳوٺ تلوايو ۽ کاريو غلام شاھ جا رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن،مائننگ جي مِٽي اڳتي وڌنڌي ڳوٺاڻن جي گهرن تائين پهچي وئي آهي،جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ تلوايو ۾ ڀيل برادري جا ڪکاوان گهر اُن مائننگ جي مِٽي هيٺيان اچي ڌٻجي ويا آهن ۽ ڳوٺ کاريو غلام شاھ واسي ڊمونگ جي ايريا واري دز مِٽي سبب ساھ کڻڻ وارين بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن،ساڳئي نموني پاور پلانٽ مان اُٿندڙ زهريلي دونهين سبب ڳوٺ وروائي سميت ڀاوي جو تڙ ۽ نيو سنهري درس جا ماڻهو عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،پاور پلانٽ جي چمني مان ڏينهن رات خارج ٿيندڙ دونهين ڳوٺاڻن کي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،ڳوٺ وروائي جا رهواسي دانهين ٿا ته پاور پلانٽ جي زهريلي دونهي سبب اسان رات جي وقت سمهي نه ٿا سگهون ۽ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿئي ٿي،چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهيون،اربين رپيا ڪمائيندڙ ڪمپنيون ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ لاءِ ٽَڪو خرچ نه ٿيون ڪن،

ڳوٺ نيو سنهري درس جا ڳوٺاڻا ٻُڌائن ٿا ته اسان بلاڪ ٽو جا متاثر آهيون،بلاڪ ٽو مان لڏپلاڻ ڪري هتي آباد ٿي ويٺل آهيون،اسان جو ماڊل وليج بلاڪ ون جي ڪُنڊ تي آهي،جنهن سبب بلاڪ ون جي ڪوئلي واري کاڻ مان ڊمپرن ذريعي نڪرندڙ ڪوئلي جا ذرڙا تيز هوائن ۾ اُڏامندي اُڏامندي اسان مٿان وسندي نظر اچن ٿا،جنهن ڪري وڻ ۽ ٻوٽا سڙي رهيا آهن اسان جي گهرن جو ڪلر تبديل ٿي رهيو آهي،مٿان وري ساڳئي پاور پلانٽ جو دونهون متاثر ڪري رهيو آهي،هوڏانهن ڳوٺ تلوايو جي رهواسين جو چوڻ هو ته بلاڪ ون جي کوٽائي دوران اسان جو سڄو ڳوٺ مائننگ سبب متاثر ٿيو آهي،اسان جا رستا بند ٿي ويا آهن،بنا پلاننگ جي ڪمپنين وارن اوپن کلي ميدان ۾ زهريلو پاڻي ڇڏي ڏنو آهي،مختلف هنڌن تي الڳ الڳ پائيپن ذريعي ڇڏيل پاڻي اسان جون زمينون تباھ ڪري ڇڏيون آهن،وڻ ٻوٽا سڙي ختم ٿي ويا آهن،بنا پلاننگ جي کلي ميدان ۾ ڊيم جي شڪل ڏئي گندو پاڻي ڏهرن ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي،جنهن سبب اسان جي چوپائي مال جون چراگاهون ختم ٿي ويون آهن،اسان کي متبادل طور ڪا به سهوليت ناهي ڏني وئي،اسان کي ڪمپنين روزگار مان نظرانداز ڪيو آهي،دانهيو ٿا ته ڪير دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي، ڪڏهن ڪڏهن حقن لاءِ احتجاج ٿا ڪيون ته پوليس ۽ سيڪيورٽي گارڊن هٿان خاموش رهڻ جون ڌمڪيون ڏياريون ٿيون وڃن،اسان هن ڌرتي جا رهواسي آهيون،اسان جا ابا ڏاڏا هتي دفن ٿيل آهن،اسان جي قبرستان جا رستا به بند ڪيا ويا آهن،هاڻي اسان جنازو دفنائڻ لاءِ به ٽي ڳوٺ لنگهي وڏو چڪر لڳائي وڃڻو ٿو پوي،قبرستان وڃڻ لاءِ به رستو ناهي بچيو،ڪمپنين اسان کي ڪا به سهوليت ناهي ڏني،ڳوٺ وروائي جي رهواسين موجب ته بلاڪ ون تي جيئن ڪم شروع ٿيو ته اسان کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريا ويا،اڄ ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ڪمپنيون ڪيل اعلانن تان ڦِري ويون آهن،اسان کي ريسٽلمينٽ پاليسي مطابق مڪمل سهولتون اڄ به ناهن مليون،ڪوڙا اعلان ڪري ڪمپنيون هٿ ڪڍي ويون آهن،زمينن جي معاوضن بابت جيڪي به اعلان ٿيا اُنهن تي مڪمل عمل ناهي ٿيو،اسان پنهنجيون زمينون ڏئي هاڻي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون،

ياد رهي ته ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ڳوٺاڻن کي عالمي قانون مطابق ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون،ڄاڻايل بلاڪ تي چائينيز مئنيجمينٽ قابض هجڻ ڪري اُهي مقامي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري مسئلا معلوم ڪرڻ بدران پنهنجي ڪم سان ڪم لڳايو ويٺل آهن،ڪوئلي جي کوٽائي بعد ظاهر ٿيندڙ اثرن ۽ نقصانن تي ڪير به ڌيان ڏيڻ وارو ناهي،پاور پلانٽ جي چمني مان اُٿندڙ دونهون،مائننگ جي ڊمپنگ واري مِٽي ۽ کوٽائي دوران نڪرندڙ گندو ٽيوب ويلن وارو پاڻي اِهي ٽئي مسئلا عوام لاءِ پريشانين جو سامان بڻجي ويا آهن،ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن،ڪمپنيون ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ اُنهي تي ڪم به ناهي شروع ڪيو ويو،ڪول بلاڪن مان ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ٿيڻ جي باوجود ماروئڙن جي زندگين ۾ ڪا به تبديلي اچي ناهي سگهي،ساڳئي بلاڪ تي عوامي ڀلائي ۽ عوامي زندگين جي تبديلي لاءِ ڪو هڪ به منصوبو ناهي جوڙيو ويو،سي ايس آر جو ڪم زيرو بڻيل آهي،جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪمپنين سوچيو به ناهي،ٿرڪول منصوبي مان بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ جي باوجود اڃان تائين رائلٽي ٿر کي ملي ناهي سگهي،ٿر مڪمل طور تي اونڌاهي ۾ ٻُڏل رهي ٿو،مُفت بجلي ته ٺهيو پر ٿر مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو به ناهي آنڌو ويو،ڪول ڪمپنين منصوبن تي ڪم ڪندي اڄ ڏينهن تائين عالمي قانون جي هڪڙي نُقطي تي به عمل ناهي ڪيو،هتان جا ماڻهو بار بار دانهون ڪندي نظر اچن ٿا ته ڪمپنين کي عالمي قانون تي عمل ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن نقصان ۾ گهٽتائي اچي ۽ مقامي ماڻهن کي فائدو ٿئي پر هتي ڪمپنين خلاف ڪير به ڪنهن جي دانهن ٻُڌڻ وارو ڪونهي،ضلعي انتظاميا به ڪمپنين آڏو غلام بڻيل نظر اچي ٿي ۽ هتان جا چونڊيل نمائيندا به ڪمپنين جي ڏاڍ خلاف هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن،جنهن سبب ڪمپنين رياست اندر پنهنجي رياست ٺاهي ورتي آهي،جيڪو جيئن تئين ڪري رهيا آهن،اهڙي صورتحال کي ڏسندي هتان جا مارو ماڻهو سخت پريشان نظر اچن ٿا،وفاقي توڙي صوبائي حُڪومت ۽ ادارن کي گهرجي ته بلاڪن جو هڪ ڀيرو جائزو وٺي عوام کان معلومات ورتي وڃي ته جيئن ڪمپنين جي من مستين کي لغام اچي ۽ مصيبتن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي به ڪا داد رسي ٿئي.

ٿرڪول بلاڪ ون تي اوپن پِٽ کوٽائي ذريعي ڪوئلو ڪڍڻ وارو ڪم تيزي سان جاري آهي،هن وقت تائين کوٽائي واري مرحلو اڳيئن کان وڌائي ٻيڻو ڪيو ويو آهي،بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ بعد چالو ٿيل پاور پلانٽ،کوٽائي واري کاڻ سميت ڇڏيل گندي پاڻي ڳوٺ وروائي،تلوايو سميت آسپاس رهندڙن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن،ڪوئلي جي کوٽائي واري کاڻ کي وڌائي ڊبل ڪرڻ سبب ڳوٺ تلوايو ۽ کاريو غلام شاھ جا رهواسي عذاب ۾ اچي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.